وقت

واريءَ وانگر نڪري ويو آ، وقت پرين.
هاڻي پڇاڻو ٿيندو، ڏاڍو سخت پرين.

راهه الفت ۾ اسان گذاريا ڏينهن هيا،
هٿ نه آيو محبتن جو، تخت پرين.

هيء دل تڙپي! ڏٺو تماشو، ساري دنيا،
خالي گذري ويو، سارو بخت پرين.

هر تمنا، هر خوشي، خاڪ بڻجي ويئي،
رهيو ناهي زندگي۾، ڪو درخت پرين.

"ستار" ڳولها سڄڻ جي، اڃا جاري آ،
مليو ڪٿي به ناهي، دل جو لخت پرين.
 
Back
Top