عبدالستار پنهور
فعال رڪن
تنهنجي الفت کي خواب سمجهان ٿو
تنهنجي صحبت ثواب سمجهان ٿو۔
تنهنجو مرڪڻ ماري ٿو مون کي، پر
عشق جو تنهن کي باب سمجهان ٿو۔
اکڙيون تنهنجون لڪل آهن پردي ۾
پاڻ کي تنهن تي ڪباب سمجهان ٿو۔
نيڻ جنهن دم مليا اٿم تو سان
پاڻ کي لاجواب سمجهان ٿو۔
ساٿ تنهنجو نئون ساهه بخشي ٿو
تنهن کي روح جو نواب سمجهان ٿو۔
سڏيو "ستار" جڏهن پرين مون کي
کليا سڀئي حجاب سمجهان ٿو
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal
تنهنجي صحبت ثواب سمجهان ٿو۔
تنهنجو مرڪڻ ماري ٿو مون کي، پر
عشق جو تنهن کي باب سمجهان ٿو۔
اکڙيون تنهنجون لڪل آهن پردي ۾
پاڻ کي تنهن تي ڪباب سمجهان ٿو۔
نيڻ جنهن دم مليا اٿم تو سان
پاڻ کي لاجواب سمجهان ٿو۔
ساٿ تنهنجو نئون ساهه بخشي ٿو
تنهن کي روح جو نواب سمجهان ٿو۔
سڏيو "ستار" جڏهن پرين مون کي
کليا سڀئي حجاب سمجهان ٿو
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal