پنهنجي انا

مان پنهنجي انا ماريان ويٺو،
ساهن ۾ توکي ساريان ويٺو.

رشتن جي سڙيل ان باهه اندر،
هڪ نئون ئي ناتو ٺاريان ويٺو.

شل موت اچي هن انائن کي،
ٻج الفت جو هاريان ويٺو.

هتي ناهي وفا جو نالو نشان،
مان تنهن کي ئي ڌاريان ويٺو.

هن نفسا نفسي واري جڳ ۾،
دنيا کي راهه ڏيکاريان ويٺو.

جون جي تپندڙ ان گرميءَ ۾،
من مچ محبت جو ٻاريان ويٺو.

نفرت جي گهيري ۾ اي "ستار"،
بس توڏي ئي نهاريان ويٺو.

#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwae #SindhiGhazal
 
Back
Top