روح جي راحت

روح جي راحت رس سان هلندي،
هاڻي چاهت ڪس سان هلندي

رشتن کي ڇو ماپيون توريون،
پيار محبت به بس سان هلندي،

مان مان وارو دور!! ويو گذري
هاڻي هر شي جس سان هلندي

ڏاڍي تي ته ڪا نه چڙهي ٿي
ڪاوڙ به آ بي وس تي هلندي

ستار ڪيئن، ويٺو شعر ٺاهين
پين به ته آهي مس سان هلندي
#SindhiPoetry #SindhiLiterature #SattarPanhwar #SindhiGhazal
 
Back
Top