عبدالستار پنهور
فعال رڪن
توکي جو مان چاهي ويٺس،
ساھ جو سانگو لاهي ويٺس.
پنهنجي جيون جي ڪک پن کي،
ٺاھ نئين سان ٺاهي ويٺس.
سڪ سان جوڙيل پنهنجو گهرڙو،
هٿ سان پاڻ ئي ڊاهي ويٺس.
گلڙن پوکڻ جي بدران مان،
ڪنڊا ههڙا ڪاهي ويٺس.
ستار تنهنجي سڪ ۾ سائين!
ڳاھ الفت جو ڳاهي ويٺس.
ساھ جو سانگو لاهي ويٺس.
پنهنجي جيون جي ڪک پن کي،
ٺاھ نئين سان ٺاهي ويٺس.
سڪ سان جوڙيل پنهنجو گهرڙو،
هٿ سان پاڻ ئي ڊاهي ويٺس.
گلڙن پوکڻ جي بدران مان،
ڪنڊا ههڙا ڪاهي ويٺس.
ستار تنهنجي سڪ ۾ سائين!
ڳاھ الفت جو ڳاهي ويٺس.