اک اڳيان اک

اک اڳيان اک کي ملائي هئي ملندي،
روح منهنجي کي کلائي هئي ملندي.

جو وڇوڙي جي ويرين کان هئي بي خبر،
ريت الفت جي ملهائي هئي ملندي.

نه شڪايت، نه شڪوه، نه گهنج پيشانيءَ،
مرڪ موتي جي لٽائي هئي ملندي.

هجي موسم ڪائي، پر هوءَ سدائين،
گيت خوشين جا ٻڌائي هئي ملندي.

عجب هو سڀاءُ ان سيبائتي پرينءَ جو،
راز خاموشي سڻائي هئي ملندي.

لکي ياد ان جي پيو اڄ "ستار"،
لڙڪ اکين مان وهائي هئي ملندي.
 
Back
Top