گفتگو

ڱفتگو هن جي گل و گلزار ڪري ٿي
لوڪ کان لڪي هو پيار ڪري ٿي

اڌڙوٽ عمر ۾ هن ان وٽ رنگ هزارين
سمجهو مان ڦيرائي مونکي ٻار ڪري ٿي

محبت ۽ ماڻن ۾ به مٺيا ڪين ٿي لڳي
وارن مٿان مونتي ڪيئي وار ڪري ٿي

آ بي لوث محبت ته پوء ڪهڙي تقاضا
عشق جي هو مونسان اڌار ڪري وئي

چهرو جڏهن نور بڻجي نروار ڪري ٿي
روح جي ويرانين کي سرشار ڪري ٿي

ستار جو سڪون تڏهن برباد ٿئي ٿو،
پنهنجو چئي مونکي جڏهن ڌار ڪري ٿي
 
Back
Top