يڪا، بادشاهه ۽ غلام!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0


    اشفاق آذر

    ”آپريشن راهه راست“ - هي نالو آهي انهي آپريشن جو جيڪو سرحد صوبي ۾ جاري آهي، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز انهن ”هٿياربندن“ کي سنئين واٽ تي آڻڻ جا جتن ڪري رهيا آهن، جيڪي ”راهه“ تان ٿڙيل آهن. اها راهه جنهن جي تشريح هرڪا ڌر پنهنجي پنهنجي نموني سان ڪندي رهي ٿي ۽ فقط پنهنجي تشريح کي ئي درست، مناسب ۽ قابل قبول سمجهي ٿي. اهڙي صورت ۾ ظاهر آهي ته دليل، مذاڪرات، ڳالهه ٻولهه سان مسئلا حل ناهن ٿيندا جتي ڪابه ڌر پنهنجي موقف تان هڪ انچ به هٽڻ لاءِ تيار نه هجي. راهه تان ٿڙيل اهي ماڻهو راهه تي اچن ٿا يا نه، يا ڪڏهن ايندا به يا نه، قطع نظر ان جي هن وقت فقط سنڌ صوبي جون راهون انهن ماڻهن لاءِ کوليون ويون آهن جيڪي انهيءَ آپريشن جي نتيجي ۾ گهرن کان بي گهر ٿيا آهن. ظاهر آهي ته انساني اخلاقيات اسان کي اهو درس ڏئي ٿي ته هن مشڪل گهڙي ۾ اهي ماڻهو جن جو ڪو ڏوهه ناهي، پر سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي رهيا آهن، تن سان همدردي ڪئي وڃي، سندن مدد ڪئي وڃي. سنڌ کي اهو جذبو ورثي ۾ مليو آهي، اسان جي وڏڙن به يو پي، سي پي، بهار کان آيلن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، ڇو ته اهي به ان وقت اهڙي ئي سنگين انساني الميئي مان گذري آيا هئا. اسان افغان جنگ سٽيلن کي به سنڌ ۾ اجها ٺاهي ڏنا ته برمي، بنگالي ۽ ٻين ملڪن جي ڪت خلق کي به هتي اکين تي ويهاريو. آئون وري اهو ورجايان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ”انساني همدردي“ جي بنياد تي ڪيو ويو، جنهن کي پوءِ اڳتي هلي جيڪڏهن ”سياسي مفادن“ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته ڪهڙو آسمان ڪري پيو!!؟ سنڌ اڃان تائين قائم دائم آهي، دنيا جي ٻين ملڪن سميت سڀني صوبن جا ماڻهو فقط ”سنڌ“ جا ئي ڀائر آهن، اسان جا وڏڙا جيڪڏهن اهڙن موقعن تي ”وڏ ماڻهائپ“ جو مظاهرو ڪن ٿا ته ان تي تنقيد ڪرڻ يا پنهنجي ”منفي سوچ“ جو اظهار ڪرڻ ڪيتري نه بري ڳالهه آهي.

    آئون هتي ان تفصيل ۾ نٿو وڃڻ چاهيان ته اها لوڌ جيڪا پاڻ تي آيل هر ڏکئي وقت ۾ سنڌ جو رخ ڪندي رهي آهي، سا سنڌي ماڻهن جي سادگي جو فائدو وٺندي ڪيئن هتان جي وسيلن تي قابض ٿي ويهي رهي، آئون ان تفصيل ۾ به نٿو وڃڻ چاهيان ته جڏهن بلوچ اڳواڻ پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جون دانهون ڪندا رهيا آهن ته انهن جو پس منظر ڪهڙو رهيو آهي، پر پاڻ هتي اهو چوڻ چاهيون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به سنڌ کي موٽ ۾ ڇا مليو آهي؟ جيڪڏهن آئون اهو چوان ته سنڌ کي موٽ ۾ ڪلاشنڪوف، هيروئن ڪلچر، لينڊ مافيا، ڀتا مافيا ڳچيءَ ۾ پيون ته ڇا اهو غلط هوندو!؟ سنڌ کي موٽ ۾ بدامني، دهشتگردي، لاقانونيت ۽ وسيلن جي ڀيل نصيب ٿي ته ڇا اهو به درست نه هوندو!؟ ڦري گهري اهو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ”ادا دل وڏي ڪيو، مشڪل گهڙي ۾ ڀائرن جو ساٿ ڏيو!“ بيشڪ اسان جي دل وڏي آهي، پر زميني حقيقت اها آهي ته اسان جي پيرن جي هيٺان ڌرتي کسڪندي پئي وڃي. اسان جي دل وڏي آهي پر زمين سوڙهي پئي ٿيندي وڃي، اسان جي دل وڏي آهي پر وسيلا گهٽبا پيا وڃن، سو جيڪڏهن هينئر به ماڻهو انهي ساڳئي ”انساني همدردي“ واري جذبي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا ته ان تي حڪومتي عملدارن کي ارهو ٿيڻ جو ڪو حق ناهي. مون ڪالهه سنڌ حڪومت جي هڪ صوبائي وزير جي پريس ڪانفرنس ٻڌي جنهن ۾ هن وڏي اطمينان سان اهو اعلان پئي ڪيو ته سنڌ ۾ جيڪي به دهشتگردي سٽيل ماڻهو اچي ترسندا، اهي هڪ ته عارضي بنيادن تي هوندا، ٻيو اهو ته سندن رجسٽريشن ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ جڏهن سندن علائقن ۾ امن قائم ٿي ويندو ته منجهانئن اها ”توقع“ رکي ويندي ته اهي پنهنجن علائقن ڏانهن واپس هليا ويندا...ڌيان سان ٻڌو ته فقط ”توقع“ رکي ويندي!! يعني اها ڳالهه سندن صوابديد تي ڇڏيل آهي ته هو واپس وڃن، ٻي صورت ۾ ڇا ڪيو ويندو، تنهن جي ڪا خبر ڪانهي. هونئن به اڄ ڏينهن تائين اهڙو ڇا ڪيو ويو آهي جو هاڻي ڪيو ويندو!

    هاڻي اچو ان ڳالهه تي ته اهي جيڪي ماڻهو سنڌ جو رخ ڪري رهيا آهن، تن جهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ سندن مٽ مائٽ اڳ ئي هتي ججهي انگ ۾ آباد آهن، جن جا ورهين کان هتي گهر ٻار، مال ملڪيتون آهن، انهن لاءِ کين پنهنجن ڀائرن کي هتي ترسائڻ يقينن ڪو مسئلو نه هوندو، کين ڪنهن ڪم ڌنڌي سان لڳائڻ به ڪا وڏي ڳالهه نه هوندي. هاڻي اهو علائقو جيڪو جنگ سٽيل آهي، جتي جيڪڏهن کين ڪو روزگار ميسر به هوندو ته بي يقيني جي ور چڙهيل هوندو، اهي ماڻهو جڏهن هتي رهي، ڪمائي سکيا ستابا ٿيندا ۽ پاڻ کي محفوظ به تصور ڪندا ته انهن علائقن ۾ وڃڻ ڇوته پسند ڪندا جتي سندن جان ۽ مال جي حفاظت جي ڪا گارنٽي نه هجي!؟ ان ڳالهه لاءِ اسان جي سامهون افغان پناهگيرن جو مثال پڻ موجود آهي، جيڪي به عارضي طور هتي رهڻ لاءِ آيا هئا، جن لاءِ به پناهگير ڪيمپون قائم ڪيون ويون هيون، جن جي به رجسٽريشن ڪئي وئي هئي پر بعد ۾ هنن نه رڳو هتان جي شهريت اختيار ڪري ورتي پر هاڻ هو اها دعويٰ ٿا ڪن ته اسان جو ڪاروبار، روزگار هتي ئي آهي ته واپس جهنم ۾ ڇو ويندا؟ وقت جي حڪومت وٽ ڪو اهڙو قانون ناهي جو هاڻي هو انهن پاڪستاني شهريت اختيار ڪيل افغان پناهگيرن کي لوڌي ڪڍي سگهن. سو ”رجسٽريشن“ واري خوشخبري ٻڌائي ماڻهن جا تحفظات هڪ پاسي ڪري ڇڏڻ، ان کي چئبو آهي ”سياست!“ اسان جا حڪمران ان قسم جي ”سياست“ ۾ هاڻي ايترا ته ماهر ٿي چڪا آهن جو هو هڪڙي پاسي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري ٻئي پاسي ان کي مستقل طور ختم ڪرڻ بدران اهو بيان ڏيندا آهن ته جيستائين سمورا صوبا راضي نه ٿيندا، ڊيم نه ٺهندو. هڪڙي پاسي سنڌ کي اين ايف سي جي مد ۾ ملندڙ نامعقول حصي تي دانهون ڪندا ٻئي پاسي ايگزيڪيوٽو آرڊر وسيلي ٿيل ورڇ کي اکين تي رکندا، سو ان سياست کي سنڌ جا ماڻهو چڱي طرح سمجهي چڪا آهن جنهن ۾ هاڻي وڌيڪ کين سمجهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي رهي.

    هن سڄي صورتحال جو افسوسناڪ پهلو اهو آهي ته وڏي صوبي ڪڏهن به ان انساني المئي تي پنهنجون راهون ايئن نه کوليون آهن جيئن سنڌ کوليندي رهي آهي، هنن تاريخ ۾ اڳ به لڏپلاڻ ڪري آيلن کي اهو چيو ته ”پاڪستان اڳتي آهي“، ان کانپوءِ به جيڪي الميا جنم وٺندا رهيا آهن تنهن ۾ زباني ڪلامي همدردي کان ويندي فقط امدادي ٽرڪون موڪلڻ واري ريت نڀائي آهي، وڏي صوبي لاءِ پنهنجي ملڪ جا دربدر ۽ متاثر ٿيل ماڻهو ايئن ئي رهيا آهن جيئن فلسطين جا ويڙهه سٽيل يا ايران جا زلزلي متاثر جن جي فقط پري کان همدردي ڪئي وڃي پر کين ويجهو اچڻ نه ڏنو وڃي، سو هڪ اهڙي ماحول ۾ جتي هڪ ئي وفاق جا يونٽ هوندي، هڪ ئي ملڪ جو حصو هوندي اها تفريق رکي وڃي، ان تي سنڌ جي ”ذميوارن“ کي پنهنجي ”همدردي“ تي فخر ڪرڻ جي بدران ان ڳالهه تي ويچارڻ گهرجي ته جيڪڏهن وڏو صوبو ايئن ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته هن وٽ ”سب سي پهلي پاڪستان“ جو تصور ناهي، هو جيڪڏهن اضافي وسيلا هوندي به سنڌ جهڙي ”حاتم طائي“ واري روش افورڊ نٿو ڪري سگهي ته اسان جو صوبو جيڪو اڳي ئي وسيلن جي کوٽ کان ويندي آبادي جي دٻاءُ ۽ مختلف وبائن جو ماريل آهي، تنهن کي عالمي يتيم خاني ۾ بدلائڻ سان اسان کي گهڻين رڪعتن جو ثواب ملي ويندو؟ پر اها ڳالهه جڏهن به اسان جي واڳ ڌڻين کي سمجهه ۾ آئي آهي تڏهن مٿي کان پاڻي ايترو ته گذري چڪو هوندو آهي جو فقط روڄ پٽڪو ڪرڻ ئي باقي بچندو آهي.

    توهان اندازو ڪريو ته ٻين صوبن کان سنڌ ۾ آيل ماڻهو نه رڳو هتي ملڪيتن ۽ جائدادن جا ڌڻي بڻجي ويا، پر هاڻي ته سنڌ جي حڪمراني ۾ به سندن حصو پتي آهي، توهان ڪڏهن ڪنهن سنڌ ڄائي سنڌي ماڻهو کي ڪنهن ٻئي صوبي مان چونڊ وڙهندي ۽ چونڊ کٽي وزير ٿيندي ڏٺو آهي!؟ اهو سڀ سنڌ ۾ ئي ممڪن آهي. دليل اهو ڏنو ويندو آهي هڪ ملڪ جو حصو هوندي پاڪستان جا شهري ڪنهن به صوبي جي ڪنهن به شهر ۾ وڃي رهي سگهن ٿا، ڪاروبار ڪري سگهن ٿا، اهو سندن بنيادي آئيني، قانوني ۽ انساني حق آهي، پر اها ڳالهه ڪرڻ سان گڏ ان ڳالهه کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي ته جيڪي هتان جا اصلوڪا رهواسي آهي، انهن کي هتي روزگار ۽ ٻيون بنيادي انساني سهولتون ملڻ هنن جو به بنيادي آئيني، قانوني ۽ انساني حق آهي جنهن کان هو محروم رکيا پيا وڃن، ڇو!؟؟ سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا وارو ڪم هجي تڏهن به مقامي ماڻهو نظرانداز، جواب اهو ته سنڌي ماڻهو نان اسڪلڊ آهن، اڙي ڀائي ته پوءِ ”ٻانگو“ هجڻ لاءِ ”چوڪيداري“ لاءِ ”پٽيوالي“ لاءِ ڪهڙي اسڪل جي ضرورت آهي، اهي ماڻهو به ٻاهرين صوبن جا ڇو ٿا رکيا وڃن؟ ته ان جو جواب ئي ڪونهي!!! هتان توهان کي سنڌ جي وڏن شهرن خاص طور تي ڪراچي ۾ جيڪا ”دهشتگردي“ ڏسڻ ۾ ايندي رهي آهي، ڇا توهان سمجهو ٿا ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي هتي بس ڪنڊيڪٽري ڪن ٿا، چوڪيداري ڪن ٿا، هوٽل هلائين ٿا يا بوٽ پالش ڪن ٿا، اسان کي اهو ئي ٻڌايو ويو آهي نه ته هتي ٻين صوبن کان آيل ماڻهو فقط اهو ئي ڪم ڪن ٿا جيڪي هتان جا ماڻهو نٿا ڪن ته پوءِ هتان جا ماڻهو يعني سنڌي ته دهشتگردي به ڪونه ٿا ڪن ته هي ڪير آهن!!؟؟؟ هن سڄي صورتحال ۾ ظاهر آهي ته ڌارين سان گڏ ”پنهنجن“ جي مهربانين جو به عمل دخل رهندو آيو آهي، جيڪي اڃان تائين صلاح مصلحت ڪرڻ ۾ رڌل آهن ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائي متفقه قرارداد آڻڻ واري شغل ۾ پورا آهن ته ڇا ڪجي، ڪهڙو لائحه عمل اختيار ڪجي؟ ۽ پوءِ اهي بيان پريس رليزن جي شڪل ۾ اخبارن ۾ جاري ڪري ٻئي ڏينهن جي اخبارن کي پڙهجي ته ڪهڙي اخبار سندن ڪارنامي کي ڪيتري جاءِ ڏني آهي ته ان تي افسوس نه ڪجي ته ٻيو ڇا ڪجي!؟ حد اها آهي ته توهان جنهن پارٽي کان پڇندئو ته اهي توهان کي سنڌ جا ساڳيا مسئلا ٻڌائيندي ۽ ساڳيا مطالبا ڪندي نظر ايندي، پر مجال آهي جو اهي سنڌ جا ”خير خواهه“ ڪڏهن هڪ هنڌ گڏجي هڪ ٽيبل جي چوڌاري ويٺا هجن ۽ مٿو مٿي سان ڏيئي ڪا حتمي راهه ڪڍي ان جي حل لاءِ جاکوڙ ڪئي هجي! جنهن کي ڏسو، سو پنهنجي الڳ ديڳڙي چاڙهيو ويٺو آهي ۽ هرڪو پاڻ کي ٻئي کان وڌيڪ سنڌ دوست ثابت ڪري ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ لڳو پيو آهي. هاڻي جيڪڏهن ”پنهنجا“ ئي ڪنهن ڳالهه، ڪنهن نقطي تي متفق ناهن ته پوءِ ٻين تي ڪهڙي ميار ڏجي ته هو سنڌ کي جيئن وڻين، لٽين، ڦرين تباهه برباد ڪن!!

    وقت جا حڪمران پنهنجي پنهنجي دور ۾ سنڌ سان مخلصي جون ايتريون ته دعوائون ڪندا رهيا آهن جو ماڻهن کان اڳ ئي ٻيو ايندڙ حڪمران انهن دعوائن کي رد ڪندو رهيو آهي. سنڌ هاڻي جيڪڏهن اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته ”حاڪم مخلص ۽ مفلس ناهن هوندا“ ته ان ۾ عجب جي ڪا ڳالهه نه هجڻ گهرجي، جو تاريخ ۽ ماضي جي تجربن هنن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، سو سنڌ جا عام ماڻهو ٻٽو عذاب سهي رهيا آهن هڪ پاسي وقت جي حڪمرانن پاران فيصلن جي صورت ۾ معاشي ۽ سياسي ڀيل آهي ته ٻئي پاسي سنڌ جي روشن خيال طبقي پاران دانشوراڻي ڀيل آهي. سنڌ کي هن وقت نه ته ڪي تاريخي حوالا، مثال ۽ بيڪ گرائونڊ سمجهڻ جي ضرورت آهي جو اهي ڳالهيون هاڻي پراڻيون ٿي چڪيون آهن، نه ئي سنڌ جي ماڻهن کي وڌيڪ دلاسن، آسرن ۽ اميدن جي ضرورت آهي جو هو انهن جو نتيجو به ڏسيو ويٺا آهن. سنڌ هن وقت تائين ڪافي ڀوڳي چڪي آهي، حب الوطني جي نالي ۾، وفاق جي نالي ۾، وسيع تر ملڪي قومي مفادن جي نالي ۾، انساني همدردي جي نالي ۾، سنڌ کي پنهنجي هر مثبت جذبي جي موٽ ۾ هن مهل تائين مليو ڪجهه ڪونهي، کسيو گهڻو ڪجهه ويو آهي.

    جيڪڏهن اسان جا ذميوار اڃان تائين تاريخ ۾ پنهنجو نالو ”روشن“ ڪرڻ ۽ پاڻ کي ”انسان دوست“ ثابت ڪرڻ جي خواهش ۾ مبتلا آهن ته ٻيلي ان جي قيمت سڄي سنڌ کان نه ورتي وڃي، اسان کي آسمان ڏيکاري اسان جي پيرن هيٺان ڌرتي کي نه کسڪايو وڃي. ماضي ۾ ته جيڪي ٿيو سو ٿيو، پر حال تي رحم ڪيو وڃي. جيڪي ماڻهو ماضي کان اکيون چورائي مستقبل جي باري ۾ ڪو فهم نٿا رکن ته اهي ماڻهو ”ذميوار“ سڏرائڻ جي به لائق ناهن. سنڌ جا ماڻهو هاڻي تاش جي انهن پتن وانگر ٿي ويا آهن، جن ۾ سندن حيثيت رڳو ”غلام“ واري رهي آهي، اڄ جيڪي حالتون آهن انهن تي ”ذميوارن“ لاءِ اهي ئي سٽون ذهن ۾ اچي رهيون آهن ته...

    ”هاڻ رڳو يڪا ۽ بادشاهه ئي رهيا آهن

    ۽ اسين انهن جا غلام!

    ڪهڙي به ورڇ هجي،

    ڪوبه نهلو يا دهلو

    اسان جو ڀرجهلو ناهي،

    ڪهڙي به بازي هجي

    رڳو مات ئي اسان جي حصي ۾

    هاڻ ڪوبه يڪو ۽ ڪوبه بادشاهه

    ڪنهن به غلام کان خوفزده ناهي

    ڇوته ”راڻي“ ڪونه رهي آهي!!“




    روزاني ڪاوش تان ورتل
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    واقعي ادا سلطان، اها راڻي راه رباني ڏانهن وئي ۽ اسان کي اهڙي راڻي ٻيهر شايد ئي ملي جيڪا اسان جي هن سنڌ جي ائين نمائندگي ڪري جيئن هن راڻي ڪئي، باقي هن فاني دنيا جا راهي نه يڪا آهن نه وري بادشاهه، پر منهنجي نظر ۾ ته اهي سراسر غلام آهن جيڪي پنهنجي پيٽ خاطر ٻئي جي پيٽ تي پٿر ٻڌيو ڇڏين۔۔۔۔۔۔۔

    ُُ
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    بلڪل ادا سو فيصد سچ۔ ٿا چئو۔ مان توهان سان متفق آهيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو