ڪوئي ڪنهنجو ناهي

ڪوئي ڪنهنجو رهيو ناهي پرين
اڄ جي رشتن کي ٿيو ڇاهي پرين

هر ڪو هت "مان مان" ۾ گم آهي
هرڪو پنهجي ثنا پيو ٺاهي پرين

روز نفرت جا گهلن هتي واء پرين
ڪير محبتن جو ڳاھ ڳاهي پرين

وئي وڌي خودگرزي منافقت ماڻا
هر رشتن جا ڪير ڪاهي پرين

ستار اڄ مخلص ٿيڻ ڏکيو آهي
پٽڪو جوانن ڇڏيو آ لاهي پرين
 
Back
Top