عبدالستار پنهور
فعال رڪن
محبتن جا سودا سري عام ٿين ٿا،
غيرت حياءَ سڀ اڄ نيلام ٿين ٿا!
چهرا فرشتا، هٿ اندر خون جا،
هڪ مرڪ پٺيان قتلِ عام ٿين ٿا!
پيار ٿيو ڌنڌو، ايمان ٿيو واپار،
دل جذبن جا اگھ اڄ عام ٿين ٿا!
غريب جي آھ ڪين ٿي ٻڌجي،
امير جا ڏوھ هت سرعام ٿين ٿا!
تخت تاج ڪري پوندا اٿئي ياد رک،
هڪ آھ سان ڪيئي انجام ٿين ٿا
ستار! سچ لکندو، ڪونه ڊڄندو،
هت سچ لکڻ وارا ئي بدنام ٿين ٿا!
غيرت حياءَ سڀ اڄ نيلام ٿين ٿا!
چهرا فرشتا، هٿ اندر خون جا،
هڪ مرڪ پٺيان قتلِ عام ٿين ٿا!
پيار ٿيو ڌنڌو، ايمان ٿيو واپار،
دل جذبن جا اگھ اڄ عام ٿين ٿا!
غريب جي آھ ڪين ٿي ٻڌجي،
امير جا ڏوھ هت سرعام ٿين ٿا!
تخت تاج ڪري پوندا اٿئي ياد رک،
هڪ آھ سان ڪيئي انجام ٿين ٿا
ستار! سچ لکندو، ڪونه ڊڄندو،
هت سچ لکڻ وارا ئي بدنام ٿين ٿا!