عبدالستار پنهور
فعال رڪن
اکڙين کي اوسيئڙو، رهندو
تولاء سڪيل جيئڙو رهندو,
انڌاري ۽ طوفانن ۾ ساٿي
آس جو ٻريل ڏيئڙو رهندو,
نيٺ منزل صاف به ٿيندي
ڪيسين من ڪوهيڙو رهندو
موسم واگر مٽجين ٿي تون
هاڻي ڪيسين سيئڙو رهندو,
ڀڳيل من جي موسم آ وڻندڙ
جيء ۾ تولاء، مينهڙو رهندو,
پاسي کان ڇو جهاتي پائين
هاڻ نه، ڪڏهن ليئڙو رهندو,
ستار جي ساري دنيا توسان!
هيڪل جيون اوکيئڙو رهندو
تولاء سڪيل جيئڙو رهندو,
انڌاري ۽ طوفانن ۾ ساٿي
آس جو ٻريل ڏيئڙو رهندو,
نيٺ منزل صاف به ٿيندي
ڪيسين من ڪوهيڙو رهندو
موسم واگر مٽجين ٿي تون
هاڻي ڪيسين سيئڙو رهندو,
ڀڳيل من جي موسم آ وڻندڙ
جيء ۾ تولاء، مينهڙو رهندو,
پاسي کان ڇو جهاتي پائين
هاڻ نه، ڪڏهن ليئڙو رهندو,
ستار جي ساري دنيا توسان!
هيڪل جيون اوکيئڙو رهندو