عبدالستار پنهور
فعال رڪن
زندگي عجيب دور مان گذري پئي،
بي حجابي ۽ شور مان گذري پئي.
ٿي وئي هر امانت ۾ اڄ ته خيانت،
بي حيائي جي زور مان گذري پئي.
ڪيڏا مڻيادار ماڻهو هئا واسڻا پر،
تن جي جواني سُور مان گذري پئي.
سچ جو چهرو به هت لڪي ويو آهي،
ڪُوڙ جي هر هڪ ڏور مان گذري پئي.
غيرت ۽ احساس سڀ نيلام ٿيا اڄ،
بي حسيءَ جي گهور مان گذري پئي.
ضمير وڪجي ويا آهن چند نوٽن تي،
وقت جي بد دستور مان گذري پئي.
ستار جو جڙيل آ درد هي لفظن سان،
دل به بس مجبور مان گذري پئي۔
بي حجابي ۽ شور مان گذري پئي.
ٿي وئي هر امانت ۾ اڄ ته خيانت،
بي حيائي جي زور مان گذري پئي.
ڪيڏا مڻيادار ماڻهو هئا واسڻا پر،
تن جي جواني سُور مان گذري پئي.
سچ جو چهرو به هت لڪي ويو آهي،
ڪُوڙ جي هر هڪ ڏور مان گذري پئي.
غيرت ۽ احساس سڀ نيلام ٿيا اڄ،
بي حسيءَ جي گهور مان گذري پئي.
ضمير وڪجي ويا آهن چند نوٽن تي،
وقت جي بد دستور مان گذري پئي.
ستار جو جڙيل آ درد هي لفظن سان،
دل به بس مجبور مان گذري پئي۔