عبدالستار پنهور
فعال رڪن
تو سان جيئڙو جرڪي پئي ٿو،
من منهنجو به مرڪي پئي ٿو.
ساوڻ رت ۾ ساريندي کيس،
ساھ اندر ۾ سُرڪي پئي ٿو.
سانوريءَ ۾ ڪشش آ اهڙي،
نينهن نئون پيو بڙڪي پئي ٿو.
ياد اچي ٿو جڏهن هو جاني،
لڙڪ اکين مان ترڪي پئي ٿو.
تنهنجي سڪ ۾ اي منهنجا سائين،
"ستار" تنهنجو ڌڙڪي پئي ٿو.
من منهنجو به مرڪي پئي ٿو.
ساوڻ رت ۾ ساريندي کيس،
ساھ اندر ۾ سُرڪي پئي ٿو.
سانوريءَ ۾ ڪشش آ اهڙي،
نينهن نئون پيو بڙڪي پئي ٿو.
ياد اچي ٿو جڏهن هو جاني،
لڙڪ اکين مان ترڪي پئي ٿو.
تنهنجي سڪ ۾ اي منهنجا سائين،
"ستار" تنهنجو ڌڙڪي پئي ٿو.