ڪرتي عورت

بهتانن جي باھ منجهان هوءَ نڪري ٿي،
ڪهڙي اعليٰ چاھ منجهان هوءَ نڪري ٿي.

گھر جون سڀ ذميواريون پوريون ڪري،
پنهنجي منزل راھ منجهان هوءَ نڪري ٿي.

آفيس جي هن گوڙ ۽ ڪم جي دنيا ۾،
پختي هڪ ويساھ منجهان هوءَ نڪري ٿي.

مرد ڪلهي سان ڪلهو ملائي جاکوڙي،
هڪ سچي همراھ منجهان هوءَ نڪري ٿي.

ڪوڙا طعنا، تِکيون نظرون ماٺ ڪري،
پنهنجي ئي پساھ منجهان هوءَ نڪري ٿي.

پاڪيزہ ڪردار اٿس اي "ستار" ڏس،
اجلي اڇي ساھ منجهان هوءَ نڪري ٿي.
 
Back
Top