سنڌ جي نوجوان نسل کي سمجهڻ جي ضرورت
نصير ميمڻ
سنڌ ۾ ڪيترن ئي ماڻھن جو خيال آهي تہ اڄوڪي سنڌ جا نوجوان رڳو سوشل ميڊيا تي وقت وڃائيندا آهن، هنن کي سنڌ جي مسئلن سان گهٽ دلچسپي آهي، سي ڪتاب ناهن پڙهندا سماج ۾ سندن ڪو ڪردار ناهي. منھنجي خيال ۾ اهي ڳالھيون گهڻي ڀاڱي اهي ماڻھو ڪن ٿا، جيڪي نوجوانن سان ڪا خاص لھہ وچڙ نٿا رکن، يونيورسٽين ۾ بہ نہ ٿا وڃن، پري کان ويھي نوجوانن بابت پنھنجا تصور ٺاهن ٿا ۽ اڪثر ڪري کين ”جنريشن زي“ قرار ڏئي ڌڪارين ٿا.
سنڌي نوجوانن بابت منھنجو تجربو مختلف رهيو آهي، گذريل ڪجهہ هفتن دوران عوامي ورڪرز پارٽيءَ پاران ڪوٺايل ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سوشلٽ اسڪول، صحافي دوست نثار کوکر پاران لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايل لاڙڪاڻو لٽريچر فيسٽيول ۽ اروڙ يونيورسٽيءَ پاران شاگردن لاءِ ڪوٺايل ”پرتشدد انتھا پسندي“ جي موضوع تي هڪ ويھڪ ۾ مون کي درجنين نوجوانن سان ملڻ، ساڻن ڳالھائڻ ۽ سندن خيال ۽ سوال ٻڌڻ جو موقعو مليو. اهي نوجوان اڄوڪي سنڌ، پاڪستان توڙي عالمي منظر نامي کان باخبر هئا ۽ وٽن پختي سياسي سوچ بہ نظر آئي.
ٽنھي پروگرامن دوران جيڪي سوال پڇيا ويا، انھن جي معيار مان سندن ڪتابي اڀياس جو اندازو لڳائي پئي سگهيس، انٽرنيٽ ۽ فون جي سھولت کان پوءِ ممڪن آهي تہ ڪاڳر واري ڪتاب ۽ اخبار جو وڪرو گهٽيو هجي، پر پڙهڻ وارو عمل هروڀرو صفا پٺتي ناهي پيو. البتہ سوشل ميڊيا سبب لکت ۽ پڙهڻ جو انداز مٽجي ويو آهي. اسان جي پبلشرن ۽ صحافتي ادارن کي ان نئين دور سان پاڻ کي سلھاڙڻو پوندو، جنھن سان اڄ جو نوجوان جڙيل آهي، مثال طور آن لائين ڪتاب خريد ڪري ڊائون لوڊ ڪرڻ ۽ پڙهڻ سولو، تڪڙو ۽ سستو طريقو آهي، پر سنڌي پبلشر اڃا اها سھولت فراهم نٿا ڪن.
منهنجي ڪتابن جي آن لائين ايڊيشنز لاءِ پرڏيھہ ۾ رهندڙ ڪيترائي دوست گُهر ڪندا آهن، تہ بدقسمتيءَ سان انھن ڪتابن جو ڊجيٽل ڇاپو موجود ناهي. سليمان وساڻ جي ويب سائيٽ ”سنڌ سلامت“ تي ڪيترائي سنڌي ڪتاب موجود آهن، پر ان جو ذخيرو گهڻو وڌائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن سنڌي ڪتابن جو ڊجيٽل ڇاپو موجود هجي. مون پنھنجا ڪتاب ڇاپيندڙ پبلشرز کي گذارش ڪئي پر نہ هو، پنھنجي ويب سائيٽ تي ڊجيٽل ڪاپي مھيا ڪن ٿا، ۽ نہ ئي هو مون کي ڪتابن جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ لاءِ تيار آهن، تہ جيئن سنڌ سلامت تي رکي سگهان.
ساڳيءَ طرح سنڌي اخبارن جا ڊجيٽل ڇاپا بہ غير معياري آهن، انھن جي ويب سائيٽ تي پراڻين اخبارن جو رڪارڊ يا تہ موجود ناهي، يا وري اميج جي شڪل ۾ آهي، جنھن کي پڙهڻ بہ ڏکيو ٿيو پوي. مضمونن جا آرڪائيوز نہ هجڻ سبب سنڌي مضمون سرچ انجڻ مان نٿا ملن. اخبارن جي ڊجيٽل حالت اڃا پنجاھ سال پراڻي آهي. اڄوڪي نوجوان کي ڪتاب ۽ اخبارون نہ پڙهڻ جا مھڻا ڏيڻ کان اڳ اسان جي ادارن کان سوال ٿيڻ گهرجي تہ ڇا سندن مواد اڄوڪي دور جي تقاضائن تي پورو لھي ٿو؟ هڪ ڀيرو اهي پبلشرز ۽ اخبارون پنھنجي پاڻ کي صحيح معيار ۾ ڊجيٽل بڻائين تہ کين اندازو ٿيندو تہ سنڌي نوجوان انهن کي ڪيترو پڙهن ٿا.
سنڌ ۾ سياسي طور سجاڳ، جديد دور جي مسئلن بابت ساڃاھ رکندڙ ۽ ڪجهہ ڪرڻ جي تڙپ رکندڙ انھن نوجوانن جي سياسي سکيا ۽ تنظيم جو ڪردار ادا ڪرڻ واريون سياسي تنظيمون ڪمزور ٿي ويون آهن. سماج غير سياسي ناهي ٿيو، سياسي تنظيمون ڪمزرو ٿي ويون آهن. سنڌ جا نوجوان غير سياسي يا غافل ناهن ٿيا، انھن کي متحرڪ رکڻ وارا سياسي ادارا ڪمزور ٿي ويا آهن. انھن جون قيادتون وٽن پھچن نہ ٿيون.
هر دور ۾ ۽ هر پيڙهيءَ وٺ ڌرتي ۽ ماڻھن سان سلھاڙجڻ ۽ انھن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جا طور طريقا مختلف هوندا آهن. هن وقت سنڌ مان هڪ وڏي انگ ۾ سنڌي نوجوان تعليم ۽ نوڪرين لاءِ پرڏيھہ وڃي رهيا آهن، انهن ملڪن ۾ اهي نوجوان رابطي جا نيٽ ورڪس ٺاهي، لڳاتار ٻين نوجوانن کي ٻاهر گهرائي تعليم، نوڪرين، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ واهر فراهم ڪري رهيا آهن، ان سموري ڪم کان اسان مان گهڻا ماڻھو اڻ ڄاڻ آهن. نيشنلزم جا اڄوڪي دور جا اهي نوان اظھار آهن.
ساڳيءَ طرح ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ نوجوانن جا اهڙا ڪيترائي نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيا آهن، پر ظاهر آهي تہ اهي ڪنھن سياسي يا تنظيمي ڇٽيءَ هيٺ ناهن. وطن ۽ ماڻھن سان ڪمٽمينٽ جا اڻ ڳڻيا ڇڙوڇڙ اظھار اڄوڪي نسل جا هزارين نوجوان ڪري رهيا آهن، جنھن کان اسان گهڻي ڀاڱي اڻ ڄاڻ آهيون. اڄوڪو نسل گهڻي ڀاڱي شھري ماحول ۾ اک کولي رهيو آهي، ۽ هن وٽ اڄوڪي دور جا لھہ وچڙ جا اوزار ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل آهن. تنھن ڪري سندن وطن دوستيءَ جي اظھار جا طور طريقا بہ مختلف آهن.
سياسي تنظيمن جي قيادت کي ان نواڻ سان پاڻ کي ٺھڪائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سياسي ۽ سماجي تنظيمون پاڻ کي ان نواڻ سان گڏ نہ بيھارينديون تہ اهي اڄوڪي نسل جي نوجوان کي گڏ کڻي نہ هلي سگهنديون. ان جي نتيجي ۾ اهي، سياسي ۽ سماجي ادارا پاڻ جمود جو شڪار ٿي ويندا.
ان جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو تہ اڪثر تنظيمن جا مرڪزي عھديدار (۽ وڏي حد تائين ضلعن جا عھديدار بہ) گهڻي ڀاڱي پنجاھ ورهين جي ڄمار کان وڏا آهن ۽ انھن جي گهڻائي ڪيترن ئي ورهين کان مرڪزي ۽ ضلعي عھدن تي موجود آهي. ورلي ڪو مرڪزي اڳواڻن ۾ نئون مھانڊو نظر اچي ٿو، برابر انھن سڀني اڳواڻن تاريخ جي مختلف مرحلن تي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، پر سياسي ۽ سماجي ادارن کي بہ بيٺل تلاءَ بجاءِ وهندڙ پاڻيءَ جيان هجڻ گهرجي.
اڄوڪي دور جي نين تقاضائن آهر تبديل نہ ٿيندڙ فرد توڙي ادارا رڳو نوجوانن کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏئي يا مٿن ٺٺول ڪري نہ هلي سگهندا. اسان سڀني کي اڄوڪي نوجوان کي نئين اک سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. سندن نئين دور جي سڀاءَ سان پنھنجا نعرا، منشور، لھہ وچڙ، جا طريقا، بيان جا انداز، حوالا، تنظمي ڍانچا، ٺھڪائڻا پوندا. اڄوڪي دور جي نوجوان وٽ ٽيڪنالاجيءَ سبب جيڪا سگهہ آهي، اها سياسي ۽ سماجي تحريڪن کي هڪ نئين اوج تي وٺي وڃي سگهي ٿي. انٽرنيٽ، اي ميل، واٽس ايپ گروپس ۽ سوشل ميڊيا جي جديد هنرن کي استعمال جو ڏانءُ رکندڙ اڄوڪو نوجوان، سنڌ جي جياپي جي مسئلن تي جيڪا اُٿل پٿل ڪجهہ ڏينھن ۾ پيدا ڪري سگهي ٿو، اها گذريل نسل جي طريقن سان مھينا کائيندي هئي، اڳ ۾ جيڪو ڪم اسٽڊي سرڪلز، تنظيمي پرچن، پمفليٽن جلسن ۽ تقريرن سان ٿيندو هو، اهو هاڻي سوشل ميڊيا، پوسٽرز، ڊيٽا گرافڪس، وي لاگز، آرٽيفيشل، انٽيليجنس سان تيار ٿيندڙ مواد، زوم ميٽنگز، آن لائين جلسن وسيلي هزار ڀيرا وڌيڪ اثرائتي نموني سان ٿيڻ لڳو آهي.
ٽيڪنالاجيءَ جي سگهاري استعمال دنيا جي ڪيترن ئي سگهارن ادارن ۽ حڪومتن کي سھڪائي رکيو آهي. اوهان رڳو فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر تي سوين اڻ سڃاتل نوجوانن پاران تعصبي مواد پکڙيندڙ ڌرين سان اٽڪايل مھاڏي کي ڏسي وٺو، سنڌ ۽ سنڌين خلاف زهر اوڳاڇيندڙ اهڙن ڪيترن ئي همراهن کي سوشل ميڊيا تي هاڻي منھن ٽوڙ ورنديون ملي رهيون آهن. اهو هڪ اهم ڪم آهي جيڪو سوين نوجوان سڄي دنيا مان ويھي ڪري رهيا آهن. جيڪي شايد ڪنھن بہ سياسي تنظيم جا ميمبر بہ نہ هجن، پر اهي سنڌ ۽ سنڌين سان سلھاڙيل هجڻ سبب پنھنجو قومي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انھن مان ڪيترن جي مواد ۾ تاريخي حوالا ۽ انگ اکر هوندا آهن، اهي رڳو سنڌي نہ پر اردو ۽ انگريزيءَ ۾ بہ سنڌ خلاف ٿيندڙ هر تعصبي پروپگينڊا سان مھاڏو اٽڪائي رهيا آهن.
ان سڄي عمل کان ممڪن آهي تہ اسان جي سياسي قيادت واقف نہ هجي، انھن نوجوانن کي سياسي پارٽيون پاڻ سان گڏائڻ جي سگهہ وڃائي ويٺيون آهن، انھن کي خبر آهي تہ اهي جھان جهاڳيندڙ نوجوان ڄاڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي جنھن جھان ۾ جيئن پيا، اهي رڳو نعرن جي وراڻي نہ ڏيندا، پر ڏکيا سوال بہ ڪندا. اهي هاڻي پيرن ۽ وڏيرن جي مدي خارج سياست جو اتحادي بڻجڻ کان انڪار ڪندا. هو پنھنجي خيالن، انڪارن ۽ اختلافن کي اڳواڻ جي احترام جي نالي تي سينسر نہ ڪندا. سنڌ جي اڄوڪين يونيورسٽين ۾ نوجوانن جي سوچ ۽ اظھار 70 واري ڏهاڪي جي نوجوانن کان ڪوهين ڏور آهي. سنڌ جي سياسي قيادت انھن نوجوانن سان جيستائين لھہ وچڙ ۾ نہ ايندي، کين سمجهي بہ نہ سگهندي. ان نسل وٽ سنڌ سان ڀرپور محبت ۽ پنھنجائپ آهي، اهي سنڌ جي سياسي سماجي مسئلن کان اڻ ڄاڻ بہ ناهن ۽ هو انھن لاءِ جدوجھد بہ ڪري رهيا آهن. هو عملي طور ڪيتريون ئي اڳڀرايون ڪري رهيا آهن. جيڪي سنڌي نوجوانن کي نيون راهون ڏيکاري رهيون آهن، حقيقت ۾ اڄوڪي دور جو پڙهيل لکيل نوجوان سنڌ جي جديد وطن پرستيءَ جا نوان بنياد رکي رهيو آهي. جن کي سمجهڻ ۽ ساراهڻ جي ضرورت آهي.
روزاني ڪاوش، 3 فيبروري 2026ع