ڪنهن تي قلم کڻان!

وائي
او ميان! مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي سونهن جي سحر تي،
يا قوم جي گهري قهر تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي من موهيندڙ ماڻ تي،
يا سنڌڙي جي کاڻ تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي لڄاري لات تي،
يا قوم جي ڪاري رات تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي واسيل انهن ونڊن تي،
يا رت هاڻن ڪنڊن تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي ماڻي ۽ مُرڪ تي،
يا ماروئڙن جي ڌُرڪ تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
ستار! هن من جي پيڙ تي،
يا لڙڪن جي ميڙ تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
 
آخري ترميم:
Back
Top