عبدالستار پنهور
فعال رڪن
او ميان! مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي سونهن جي سحر تي،
يا قوم جي گهري قهر تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي نيڻن جي تار تي،
يا سنڌڙي جي پڪار تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي زلفن جي ورن تي،
يا پيرين پيل لکن تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي سيني جي هار تي،
يا پورهيت جي ميئار تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي نازڪ ادائن تي،
يا ماروئڙن جي دعائن تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
ستار! دل جي سٽن تي،
يا سورن جي سِٽن تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي سونهن جي سحر تي،
يا قوم جي گهري قهر تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي نيڻن جي تار تي،
يا سنڌڙي جي پڪار تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي زلفن جي ورن تي،
يا پيرين پيل لکن تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي سيني جي هار تي،
يا پورهيت جي ميئار تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
تنهنجي نازڪ ادائن تي،
يا ماروئڙن جي دعائن تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟
ستار! دل جي سٽن تي،
يا سورن جي سِٽن تي،
مان ڪنهن تي قلم کڻان؟