مٺي جي پرس الفت۔

وائي

سراپا سونُ ڪيائين،
مٺي جي پارسِ الفت.
تنهنجي در جي خاڪِ پاڪ،
منهنجي من ۾ منور ٿي،
ڪايا ئي پلٽيائين،
مٺي جي پارسِ الفت.
نالي تنهنجي جي تلاوت،
روح کي راحت ڏئي،
درد سڀ مٽايائين،
مٺي جي پارسِ الفت.
تنهنجي رضا جي راهه ۾،
مٽجي وڃڻ معراج آ،
فنا کي بقا بنائِيائين،
مٺي جي پارسِ الفت.
اندر جي آئيني تان،
ميراڻ سڀ ڌوئي ڇڏي،
اندر ئي اجالِيائين،
مٺي جي پارسِ الفت.
نقشِ قدم تي "ستار" تنهنجي،
سدائين سر کي جهڪائي،
بختُ ئي بنائِيائين،
مٺي جي پارسِ الفت.
 
Back
Top