محبت وارو لعل

محبت وارو لعل لڀي شل!
اندر جو احوال لڀي شل!
جنهن جي ڳولا جڳ پيو ڳولي،
سو من ۾ مالڪ موٽي شل!
محبت وارو لعل لڀي شل!
ڪوڙا ناتا، ڪوڙا رشتا،
سچي ڪا پريت رهي پئي شل!
محبت وارو لعل لڀي شل!
عشق جي اهڙي جوت جلي،
جو ساڙيندڙ پاڻ سڙي مري شل!
محبت وارو لعل لڀي شل!
سک جون سڀئي راتيون ماڻي،
دکن جي هيءَ ريت مٽي شل!
محبت وارو لعل لڀي شل!
چوي ”ستار“ سڪ مان ويٺو،
سڄڻ جي مونکي سار لڀي شل!
محبت وارو لعل لڀي شل!
 
Back
Top