پريڊيسٽينيشن مووي

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
W78Fk.webp


Predestination
هڪ زبردست ۽ ذهن کي حيران ڪري ڇڏيندڙ سائنس فڪشن مووي آهي.. جيڪا وقت جي سفر ۽ قسمت جي راز تي ٻڌل آهي...
ڪهاڻي هڪ اهڙي خفيه ايجنٽ جي چوڌاري ڦري ٿي.. جيڪو وقت ۾ سفر ڪري خطرناڪ ڏوهن کي روڪڻ جو ڪم ڪندو آهي... پنهنجي آخري مشن دوران هو هڪ اهڙي ماڻهو سان ملي ٿو.. جنهن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي آهستي آهستي اهڙا سوال پيدا ڪري ٿي.. جيڪي انسان جي سڃاڻپ.. تقدير.. ۽ وقت جي حقيقت کي چئلينج ڪن ٿا...
هي مووي رڳو ايڪشن نه پر هڪ گهري نفسياتي ۽ فلسفياتي ڪهاڻي آهي.. جيڪا ڏسندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته ڇا انسان واقعي پنهنجي قسمت بدلائي سگهي ٿو.. يا سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي طئي ٿيل هوندو آهي...
مختصر لفظن ۾.. هي اهڙي مووي آهي جيڪا ختم ٿيڻ کان پوءِ به گهڻي دير تائين ذهن ۾ گونجندي رهي ٿي...
 
Back
Top