عبدالستار پنهور
فعال رڪن
غزل
منهنجي روح جي لنوَ ۾ لڳي وڃ
خيالن جي خوشبوءِ ۾ وسي وڃ۔
پٿرن جي آ دنيا، هتي ڪير پنهنجو؟
تون خوابن جي نگريءَ ۾ ملي وڃ۔
ٻرن ٿا پيا تنهنجي يادن جا ڏيئا
ان جهلڪ ۾ ڪنهن پل کِلي وڃ۔
لکيل ناهي قسمت ۾ جيتوڻيڪ ملڻ
مگر دل جي ڌڙڪڻ بڻجي رهي وڃ۔
ستايو آ تنهاين "ستار" کي ڏاڍو
مٺا! اڄ ته سپنن ۾ موٽي وري وڃ۔
منهنجي روح جي لنوَ ۾ لڳي وڃ
خيالن جي خوشبوءِ ۾ وسي وڃ۔
پٿرن جي آ دنيا، هتي ڪير پنهنجو؟
تون خوابن جي نگريءَ ۾ ملي وڃ۔
ٻرن ٿا پيا تنهنجي يادن جا ڏيئا
ان جهلڪ ۾ ڪنهن پل کِلي وڃ۔
لکيل ناهي قسمت ۾ جيتوڻيڪ ملڻ
مگر دل جي ڌڙڪڻ بڻجي رهي وڃ۔
ستايو آ تنهاين "ستار" کي ڏاڍو
مٺا! اڄ ته سپنن ۾ موٽي وري وڃ۔