ضمير جو قاتل

خوشامد جنهن پنهنجو ايمان ڪيو آ،
ضميرِ وطن جو ته نقصان ڪيو آ.

نه غيرت، نه عزت، نه سچ جو لڳاءُ،
فقط پيٽ کي جنهن ته مڪان ڪيو آ.

سدائين پيو ها ۾ ها ٿو ملائي،
ڪوڙن جي ئي ٻوليءَ کي زبان ڪيو آ.

محنت جو قائل، نه حڪمت جو مائل،
رڳو خدمتِ شاھ کي شان ڪيو آ.

پٺيان وار ڪندڙ، اڳيان هٿ ٻڌندڙ،
منافق جو تنهن پورو گمان ڪيو آ.

رڳو مال و زر جي هوس آ هي ’ستار‘،
مٽيءَ ۾ ئي ائين پنهنجو شان ڪيو آ.
 
Back
Top