ٿي ويا نيڻ خمار

ٿي ويا نيڻ خمار،
او ميان! تنهنجا نيڻ خمار!
سُرمي سنديءَ ڌار ۾،
ڪيئي لکين آزار،
او ميان! تنهنجا نيڻ خمار!
پيالو گهرجي ڪونه ڪو،
تنهنجي ديد ئي لڳي ڌار،
او ميان! تنهنجا نيڻ خمار!
هڪڙي تنهنجي جهلڪ لئه،
بيٺا آهن قطار،
او ميان! تنهنجا نيڻ خمار!
عاشق تنهنجي شهر جا،
ڳولي لڌئي سڀ مار،
او ميان! تنهنجا نيڻ خمار!
تنهنجي ڳوڙهي نيهن جا،
رڳ رڳ ۾ آهن آثار،
او ميان! تنهنجا نيڻ خمار!
ڪُهي وئين ڪنهن ڪارڻ،
هڻي رمزون منجهه بازار،
او ميان! تنهنجا نيڻ خمار!
وئي هيءَ حياتي گذري،
ڪري ’ستار‘ تنهنجو انتظار،
او ميان! تنهنجا نيڻ خمار!
 
Back
Top