دل صفا ٻار آ

روبرو اڄ يار آ، دل ته صفا ئي ٻار آ،
ساهه جو سڪون آ، اکڙين جو هي ٺار آ.

مرڪ تنهنجي موهيو، من ۾ اڄ ملار آ،
روح جي هن باغ ۾، هر طرف بهار آ.

درد جا بادل هٽيا، چنڊ چمڪيو چاهه جو،
خوش نصيبي آ، جو سڄڻ پنهنجي پار آ.

جام الفت جو پيئون، اڄ ته محفل مست آ،
هر گهڙي هيءَ عيد آ، جنهن ۾ دلبر يار آ.

'ستار' اڄ يار جي، قدمن ۾ سر رکي چئون،
زندگيءَ جو بس رڳو، تنهنجو ئي ته آڌار آ.
 
Back
Top