درد جَي سمنڊ ۾ پَـي تَرِي زندگي،
هـاڻ ڪنھن لاءِ ٻيھر ٻَرِي زندگي!
عشـق، سقراط ۽ زهـر کي اوتجي،
موت اينـدو لـڙي اي چَرِي زندگي
"رام چند اوڏ"
سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت تخليقڪار رام چند اوڏ لاڏاڻو ڪري ويو.
سندس اصل نالو رام چند ولد اُوڌڀ مل اوڏ ھو. ھن جو جنم ڳوٺ رحيم ڏني ميرپوٽي لڳ ٽنڊي ڄام ۾ 5 اپريل 1968 ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊي ڄام ۾ حاصل ڪيائين، جڏهن تہ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي ڄام فارم، انٽر مُسلم ڪاليج حيدرآباد ۽ ڪالج سائيڊ مان ئي بي اي ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان 1989ع ۾ پاڻ پرائمري اُستاد ٿيو. کيس. چئن پُٽن ۽ ٻن نياڻن جو اولاد آهي، جنھن مان سندس ٽيون نمبر پٽ 2017ع ۾ الله کي پيارو ٿي ويو هو.
هن شاعريءَ جي شروعات1980 ع ڌاري ڪئي. شاعريءَ ۽ ادب ۾ ميرمحمد پيرزادي، تاج جويي، پي ٽي وي جي پروڊيوسر منظور مگسي، مصطفي نانگراج، عبدالرسول عباسي ۽ ٻين کان متاثر رهيو. هن مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل لکيا. شاعريءَ ۾ غزل، گيت وائي ۽ ٻين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪيائين. بنيادي طور غزل جو بھترين شاعر هو.
پنھنجي مٽن مائٽن جو چڱو هو برادريءَ جا فيصلا ڪندو هو. رام چند طبيعت ۾ کرو ۽ سچو انسان هو. هر ڪنھن کي سچ مُنھن تي چئي ڏيندو هو. پاڻ 18 فيبروري 2026ع تي اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪندي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو.