عبدالستار پنهور
فعال رڪن
پيار ۾ هاڻي اهي زنجيرون ڪٿي آهن،
خوابن جون سچيون تعبيرون ڪٿي آهن.
واعدا هن دور جا آهن سڀئي بس آڳ تي،
خطن واريون مٺيون تحريرون ڪٿي آهن.
اکين سان ناهي پر فون تي ديدار ٿئي ٿو،
اڳ جهڙيون پياريون تصويرون ڪٿي آهن.
بدلجن ٿا پيا چهرا هتي لمحن اندر هاڻي،
وفائن جون لکيل اهي لڪيرون ڪٿي آهن.
نئين هن دور جي گوڙ ۾ "ستار" گم ٿيو آ،
محبت جون سهڻيون تقريرون ڪٿي آهن۔
خوابن جون سچيون تعبيرون ڪٿي آهن.
واعدا هن دور جا آهن سڀئي بس آڳ تي،
خطن واريون مٺيون تحريرون ڪٿي آهن.
اکين سان ناهي پر فون تي ديدار ٿئي ٿو،
اڳ جهڙيون پياريون تصويرون ڪٿي آهن.
بدلجن ٿا پيا چهرا هتي لمحن اندر هاڻي،
وفائن جون لکيل اهي لڪيرون ڪٿي آهن.
نئين هن دور جي گوڙ ۾ "ستار" گم ٿيو آ،
محبت جون سهڻيون تقريرون ڪٿي آهن۔