فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
ريڊيو جو عالمي ڏهاڙو
آواز جيڪو سرحدون پار ڪري سماج کي جوڙي ٿو...!
فقير محمد سنڌي
هر سال 13 فيبروري تي سڄي دنيا ۾ ريڊيو جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو 2011ع ۾ هن ڏينهن جو اعلان ڪيو، جڏهن تہ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2012ع ۾ ان جي توثيق ڪئي. 13 فيبروري اها تاريخ آهي، جڏهن 1946ع ۾ “يونائيٽيڊ نيشنز ريڊيو” پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو. هن ڏينهن جو مقصد ريڊيو جي اهميت، آزاديءَ اظهار، سماجي شعور ۽ معلومات جي آزاد وهڪري کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ريڊيو انساني تاريخ جي انهن ايجادن مان هڪ آهي جنهن دنيا کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو. 19هين صديءَ جي آخر ۾ سائنسدان هينرچ هارٽز برقي لهرن جي موجودگي ثابت ڪئي جنهن بعد گگليلمو مارڪوني بغير تار جي سگنلن جي منتقليءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. 1906ع ۾ ريجي نيلڊ فيسنڊن پهريون ڀيرو آواز ۽ موسيقيءَ جي نشريات جو تجربو ڪيو. 2 نومبر 1920ع تي آمريڪا جي شهر پٽسبرگ مان KDKA نالي اسٽيشن کي دنيا جي پهرين باقاعده ڪمرشل ريڊيو اسٽيشن طور تسليم ڪيو وڃي ٿو جنهن صدارتي چونڊن جا نتيجا نشر ڪيا. اهڙيءَ طرح ريڊيو خبرن ۽ عوامي معلومات جو اهم ذريعو بڻيو.
قديم دور ۾ ريڊيو ماڻهن لاءِ حيرت جو باعث هو. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ماڻهو گڏ ٿي ريڊيو ٻڌندا هئا خبرون، قومي پيغام، ڊراما، شاعري، موسيقي ۽ مذهبي پروگرام ريڊيو وسيلي عام ٿيا. ٻي عالمي جنگ دوران ريڊيو اهم حڪومتي اعلانن ۽ عوامي رابطا جو بنيادي ذريعو رهيو. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آزاديءَ جي تحريڪن دوران ريڊيو عوام کي همت، سجاڳي ۽ حوصلو ڏنو.
جديد دور ۾ بہ ريڊيو پنهنجي اهميت برقرار رکي آهي. جيتوڻيڪ ٽيليويزن ۽ سوشل ميڊيا جهڙا جديد ذريعا موجود آهن پر ريڊيو جي سادگي، گهٽ خرچ ۽ وسيع رسائي اڄ بہ ان کي منفرد بڻائي ٿي. دنيا ۾ اندازاً 44 هزار کان وڌيڪ ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ لڳ ڀڳ پنج ارب ماڻهو ڪنهن نہ ڪنهن صورت ۾ ريڊيو ٻڌن ٿا. ريڊيو اڄ FM، AM، شارٽ ويوز ۽ انٽرنيٽ اسٽريمنگ ذريعي دستياب آهي. پوڊ ڪاسٽ ۽ آن لائين ريڊيو چيئنل نئين نسل کي بہ پنهنجي طرف متوجھ ڪري رهيا آهن.
ريڊيو جو سڀ کان اهم ڪردار تعليم ۽ سماجي شعور ۾ آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسڪولي نشريات، فاصلاتي تعليم، زرعي معلومات، صحت بابت آگاهي ۽ روزگار جي رهنمائي ريڊيو ذريعي ڏني وڃي ٿي. وبائن، ٻوڏن يا زلزلي جهڙين هنگامي حالتن ۾ ريڊيو تيز ترين ۽ قابلِ اعتماد اطلاع فراهم ڪري ٿو. امن امان، قومي سالميت ۽ شهري ذميوارين بابت پروگرام ماڻهن ۾ هم آهنگي پيدا ڪن ٿا.
ثقافتي حوالي سان ريڊيو مقامي ٻولين ۽ فنون کي زنده رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ ٻين ٻولين ۾ نشر ٿيندڙ پروگرام نہ صرف ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪن ٿا پر نون فنڪارن کي بہ متعارف ڪرائين ٿا. مذهبي ڏينهن، قومي جشن ۽ يادگار موقعن تي ريڊيو جو آواز ماڻهن جي دلين تائين پهچي اجتماعي احساس کي مضبوط بڻائي ٿو.
پاڪستان ۾ ريڊيو جي شروعات 14 آگسٽ 1947ع تي ٿي تڏهن لاهور، پشاور ۽ ڍهاڪا اسٽيشنن تان آزاديءَ جو اعلان نشر ٿيو. بعد ۾ هن اداري کي پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) جو نالو ڏنو ويو. اڄ ريڊيو پاڪستان وٽ ڪافي براڊڪاسٽنگ اسٽيشنون آهن جن ۾ ميڊيم ويوز، شارٽ ويوز ۽ ايف ايم چيئنل شامل آهن. ان کان علاوه ملڪ ۾ 200 کان وڌيڪ نجي ۽ ڪميونٽي ايف ايم اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي موسيقي، خبرون، ٽاڪ شوز ۽ سماجي پروگرامن ذريعي عوام جي خدمت ڪن ٿيون.
ريڊيو جي اهميت ان ڳالھ ۾ آهي تہ اهو هر ان ماڻهو تائين پهچي سگهي ٿوجنهن وٽ هڪ سادو ريڊيو سيٽ يا موبائيل فون موجود آهي . بجلي نہ هجي تڏهن بہ بيٽريءَ تي هلندڙ ريڊيو معلومات فراهم ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومون ريڊيو کي جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ معلومات تائين رسائيءَ جو اهم ذريعو قرار ڏنو .
اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ بہ ريڊيو پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ناهي. انٽرنيٽ ريڊيو ۽ پوڊڪاسٽنگ ان کي نئين زندگي ڏني آهي. ڪار هلائيندي، ٻنيء ۾ ڪم ڪندي يا گهر جي ڪم ڪار دوران ماڻهو آساني سان ريڊيو ٻڌي سگهن ٿا. هيءَ سهولت ٻين ميڊيا ذريعن کان مختلف ۽ وڌيڪ عملي آهي.
ريڊيو رڳو هڪ ٽيڪنالاجي نہ پر سماج جو زنده آواز آهي. اهو تعليم، ثقافت، صحت، امن ۽ قومي شعور کي مضبوط ڪري ٿو. صدي گذرڻ باوجود ريڊيو جي اهميت گهٽ نہ ٿي آهي بلڪہ نئين دور سان گڏ اهو وڌيڪ وسيع ۽ اثرائتو بڻجي ويو آهي. ريڊيو جو آواز اڄ به ماڻهن کي ٻڌائي ٿو، سيکاري ٿو ۽ گڏ ڪري ٿو ۽ شايد ايندڙ صدين تائين بہ اڃان وڌيڪ ترقي ڪندو.