فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
سرسوتي ندي، سپت سنڌو ۽ سنڌوءَ دريا جي ڪهاڻي ....!
فقير محمد سنڌي
سرسوتي ندي آڳاٽي دؤر جي “سپت سنڌو” يعني ستن درياهن جي نظام جو هڪ اهم وهڪرو رهي آهي. “سرسوتي ندي قديم سنڌو لوڪن جي ابتدائي زماني ۾ موجود هئي جيڪا پوءِ قدرتي تبديليَن سبب سُڪي وئي. هيءَ ندي رِگ ويد، پراڻن، مهاڀارت ۽ منو سمرتيءَ ۾ ذڪر ڪيل مقدس ندي آهي جيڪا قديم جمنا جي اولھ طرف ۽ ستلج جي وچ مان وهندي هئي” (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا). هي حوالو فقط مذهبي يا تاريخي نہ پر سنڌو ماٿريءَ جي گڏيل پاڻي نظام جي سائنسي ۽ جغرافيائي شاهدي پڻ آهي.
مهاڀارت ۾ ڄاڻايل آهي تہ سرسوتي ندي برپٽ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ 1000 کان 1300 ق.م جي وچ واري دؤر ۾ هيءَ ندي هڪ اندروني ڊيلٽا (Inland Delta) ٺاهيندي هئي. جديد جغرافيائي تحقيق بہ ٻڌائي ٿي تہ سرسوتي ندي قديم جمنا، ستلج ۽ سنڌو نديءَ سان ڳنڍيل هئي ۽ “سنڌوءَ جي نار” وسيلي سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي جيڪو ان وقت ڪڇ جي ڊيلٽائي ڀٽن سان لڳو لڳ موجود هو.
وقت سان گڏ زميني سرڪش تبديليون، موسمي سڪاڻ ۽ درياهي رخن جي مٽاسٽا سبب سرسوتي ندي سُڪي وئي، پر ان سان گڏ سنڌو ماٿريءَ جو تمدني تسلسل ختم نہ ٿيو. هڙاپائي ۽ پوئين هڙاپائي تهذيب جا ڪيترائي آثار سرسوتي جي سڪل وهڪري سان لاڳاپيل علائقن مان ملن ٿا جيڪي اهو ثابت ڪن ٿا تہ هي ندي سنڌو نظام جو لازمي حصو رهي آهي.
هتي سوال پيدا ٿئي ٿو تہ اهڙي آڳاٽي تاريخي حقيقت جو اڄ جي پاڪستاني رياست ۽ آئين سان ڪهڙو واسطو آهي؟ پاڪستان جو آئين صوبن جي وسيلن بابت واضح اصول ڏئي ٿو. آئينِ پاڪستان جو آرٽيڪل 155 ۽ 172 صوبن جي قدرتي وسيلن تي حق ۽ بين الصوبائي پاڻي ورڇ بابت بنيادي فريم ورڪ مهيا ڪن ٿا. ان کان سواءِ 1991ع جو “پاڻيءَ بابت معاهدو” (Water Apportionment Accord) به سنڌو درياھ جي پاڻيءَ کي تاريخي استعمال، هيٺاهين وهڪرن ۽ قدرتي وهڪري جي تسلسل جي بنياد تي ورهائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو.
سرسوتي نديءَ جو تاريخي وجود ان ڳالھ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو تہ سنڌو رڳو هڪ درياھ نہ، پر هڪ مڪمل درياهي نظام آهي جنهن جي تهذيبي، جغرافيائي ۽ تاريخي مرڪز سنڌ رهي آهي. جيڪڏهن سپت سنڌو جو تصور قبول ڪيو وڃي. جيڪو ويدن پاڪستان جي آئين ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ موجود آهي تہ پوءِ سنڌو نديءَ سان لاڳاپيل پاڻيءَ جي ورڇ ۾ سنڌ جي تاريخي اوليت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
بدقسمتي سان، جديد دؤر ۾ پاڻيءَ جي منصوبابندي گهڻو ڪري تاريخي ۽ تهذيبي حقيقتن کان ڪٽي صرف فني انگن اکرن تائين محدود ڪئي وئي آهي. جڏهن تہ بين الاقوامي پاڻي قانون ۽ ماحولياتي انصاف جا اصول بہ چون ٿا تہ درياهن جي هيٺاهين علائقن کي بنيادي حيثيت حاصل هئڻ گهرجي. سنڌ، جيڪا سنڌو نديءَ جي آخري ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ هيٺاهين ڌرتي آهي ان جو حق فقط سياسي مطالبو نہ، پر تاريخي ۽ آئيني حقيقت آهي.
انڊيا پنهنجا ناپاڪ ارادا کڻي سنڌوءَ جي پاڻي تي قابض ٿيڻ جي نااهل ڪوشش ڪري رهيو آهي انڊيا کي سمجهڻ گهرجي تہ اهو عمل سياسي، مذهبي ۽ آئيني طور سنڌوءَ جي حق ۾ آهي.
سرسوتي نديءَ جو حوالو هتي انتهائي اهم بڻجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو ثابت ڪري ٿو تہ سنڌو ماٿريءَ جي پاڻي نظام هزارين ورهين کان سنڌ سان ڳنڍيل رهيو آهي. هي واضح بيان تہ سرسوتي ندي سنڌوءَ سان گڏ سنڌ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. ان ڳالھ جو سڌو ثبوت آهي تہ سنڌو نظام جي سامونڊي پڇاڙي سنڌ هئي ۽ آهي.
آخر ۾ اهو چئبو تہ سرسوتي ندي فقط هڪ سُڪي ويل ندي نہ سنڌو ماٿريءَ جي گڏيل تاريخ، تهذيب ۽ پاڻي حقن جو زنده حوالو آهي. پاڪستاني آئين، تاريخي شاهدين ۽ بين الاقوامي اصولن جي روشني ۾ اهو نتيجو ڪڍڻ مشڪل ناهي تہ سنڌو ندي ۽ ان سان لاڳاپيل سمورا پاڻي وسيلا فطري، تاريخي ۽ آئيني طور سنڌ جو بنيادي حق آهن جنهن تان ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نٿو ٿي سگهجي. انڊيا پاڻيءَ جي معاملي تي پاڪستان جي پاڻي معاملن تي قانوني طور عمل ڪري.