مست
سينيئر رڪن
هارسينگهار ته عورتن جو بنيادي حق آهي، اها ڳالهه سندن زندگي ۾ ڪيتري اهميت رکي ٿي ان جو اندازو هن تحقيق ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته عورتون سڄي زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 ڀيرا صرف وارن جو انداز تبديل ڪن ٿيون. هڪ ناليواري برطانوي فيشن ميگزين جي ڪيل تحقيق ۽ سروي مطابق 13 کان 65 سالن جي وچ ۾ عورتون گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي وارن جو انداز مٽائڻ، رنگ مٽائڻ ۽ وارن کي ننڍو يا وڏو ڪرڻ جو عمل انجام ڏين ٿيون. سروي جي نتيجن جي مطابق انهن مان اڪثر عورتون سال ۾ 3 کان 5 ڀيرا وارن جو رنگ مٽائڻ جو تجربو ڪن ٿيون.
انهيءَ تحقيق جي سربراهه اينڊريو ڪولنگ جو چوڻ آهي ته اڄ ڪلهه جي جديد، ذهني دٻاءُ ۽ مشڪل ترين طرزِ زندگي واري دور ۾ وارن جي انداز ۾ تبديلي، اعتماد جي وڌائڻ ۽ ذهن کي فريش رکڻ جو بهترين ذريعو آهي. ان سان گڏ اهو عمل سندن زندگيءَ ۾ ايندڙ تبديلين جي دورن پاڻ کي بهتر محسوس ڪرڻ جي عمل ۾ مدد ڪري ٿو.