سُندري اُتم چنداڻي
درد
ڪهڙو آهي تنهنجي گيت جو جادُو!
ڪهڙو آهي تنهنجي آواز جو مها ڄار
وڪوڙي ويو آهي روح کي.
تنهنجي درد ڀرئي آواز
دکائي ڇڏيو آهي...
منهنجو من!
درد...
جيڪو تنهنجي گيت مان
باهه جي شعلي جيان
مٿي آيو هو...
۽ ڪَکي ويو آهي نانگ جي ڏنگ جيان!!
اڙي درد جا پارکُو!
ونڊي ته ڪين سگهندين
منهنجو دُک!
پر پنهنجو درد ته ورهائي سگهين ٿو؟
تڏهن پلئه کڻي جهليو اٿم
پنهنجو حصو وٺي
ڪرٿارٿ ٿي پونديس.
(آڊيو ٻڌڻ لاءِ هيٺ ڪلڪ ڪندا)
[MP3]http://www.filefreak.com/files/158980_qsdll/Dard.mp3[/MP3]
درد
ڪهڙو آهي تنهنجي گيت جو جادُو!
ڪهڙو آهي تنهنجي آواز جو مها ڄار
وڪوڙي ويو آهي روح کي.
تنهنجي درد ڀرئي آواز
دکائي ڇڏيو آهي...
منهنجو من!
درد...
جيڪو تنهنجي گيت مان
باهه جي شعلي جيان
مٿي آيو هو...
۽ ڪَکي ويو آهي نانگ جي ڏنگ جيان!!
اڙي درد جا پارکُو!
ونڊي ته ڪين سگهندين
منهنجو دُک!
پر پنهنجو درد ته ورهائي سگهين ٿو؟
تڏهن پلئه کڻي جهليو اٿم
پنهنجو حصو وٺي
ڪرٿارٿ ٿي پونديس.
(آڊيو ٻڌڻ لاءِ هيٺ ڪلڪ ڪندا)
[MP3]http://www.filefreak.com/files/158980_qsdll/Dard.mp3[/MP3]