درد

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سُندري اُتم چنداڻي

    درد

    ڪهڙو آهي تنهنجي گيت جو جادُو!
    ڪهڙو آهي تنهنجي آواز جو مها ڄار
    وڪوڙي ويو آهي روح کي.
    تنهنجي درد ڀرئي آواز
    دکائي ڇڏيو آهي...
    منهنجو من!
    درد...
    جيڪو تنهنجي گيت مان
    باهه جي شعلي جيان
    مٿي آيو هو...
    ۽ ڪَکي ويو آهي نانگ جي ڏنگ جيان!!
    اڙي درد جا پارکُو!
    ونڊي ته ڪين سگهندين
    منهنجو دُک!
    پر پنهنجو درد ته ورهائي سگهين ٿو؟
    تڏهن پلئه کڻي جهليو اٿم
    پنهنجو حصو وٺي
    ڪرٿارٿ ٿي پونديس.



    (آڊيو ٻڌڻ لاءِ هيٺ ڪلڪ ڪندا)
    [MP3]http://www.filefreak.com/files/158980_qsdll/Dard.mp3[/MP3]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني مٺا سُلطان جو سائيڻ سُندري اُتم چنداڻي جي انتهائي سُندر ڪويتا ”درد“ اسان سڀني سان شيئر ڪئي۔ الله سائين توهان کي سوڀون ڏي۔ سدائين سُکيا هُجو۔ ​
     
  3. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    سائين نثار،
    دعائن جي لاءِ مهرباني۔ اصل ۾ هي ڪويتا ته اوهان کي اڳ ۾ به پڙهائي چڪو هوس، پر هن پوسٽ ۾ ڏنل آڊيو جي ڪري توهان کي وري پڙهايم۔ آشا نالي ناريٌءَ جي آواز ۾ ”درد“ اصل اندر کي اڌ ڪري ڇڏيو آهي۔ سوچيم سنگت سان شيئر ڪجي۔

    باقي سانئڻ سندريء ته ليجنڊ آهن، سچ ۾ پنهنجي نالي وانگر اُتم ئي آهن۔

    ساٿ سلامت
     
  4. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    پر سائين مون وٽ ته آڊيو هلي ئي ڪانه ٿي ادا سلطان مهرباني ڪري چيڪ ڪندا
     
  5. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    مٺا وحيد، هاڻي چيڪ ڪري ڏسو، ۽ پنهنجو راءِ کان آگاهه ڪندا۔

    ساٿ سلامت
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا سلطان ڇا ته سوچ ۽ آواز آهي ڪيڏي نه گهرائي آهي لفظن ۾ ۔۔۔
    پرين توهان جي هر تحرير ۾ دَم هوندو آهي۔۔۔ بس سلسلي کي ڳنڍيو رکجو۔۔
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا سلطان تمام لاجواب شيئرنگ آهي مهرباني مٺا جاري رکو ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو