• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

88 جي اسڪور تي سڀ آئوٽ۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ادا سچي ڳالهه آهي، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٿيندڙ‌ اڄوڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ميچ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندڙ ٽيم صرف ۽ صرف 88 جي اسڪول تي آئوٽ ٿي وئي۔۔ توهان سوچيندا هوندو ته اها پڪ سان پاڪستاني ٽيم هوندي، پر نه دوستو، اها آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم هئي، اڄ هيڊلي شهر ۾ هلندڙ‌ ٽيسٽ ميچ ۾ پهرين ٽاس کٽي جڏه آسٽريليا بيٽنگ ڪرڻ جي لاءِ ميدان ۾ لٿي ته انهن کي اها اميد به ڪانه هئي ته ڪو اهي پورا پنجاهه اوور به نه کيڏي سگهندا۔۔ پاڪستان جي فاسٽ‌بالرن آسٽريليا جي بيٽنگ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيو۔۔
119577.2.jpg

محمد عامر آسٽريليا جي پهرئين وڪيٽ‌وٺڻ تي خوشيءَ‌جو اظهار ڪندي
 
جواب: 88 جي اسڪور تي سڀ آئوٽ۔۔۔

ڪارڪردگي ته چڱي آ ۔۔ ان کان اڳ آسٽريليا کي 74 تي ويسٽ انڊيز 1984 ۾ پرٿ شهر ۾ آئوٽ ڪري چڪي آهي۔۔۔ توهان کي ياد هوندو ته گذريل آسٽريليا جي دوري تي پاڪستان آسٽريليا کي پهرين اننگ ۾ 127 تي آئوٽ ڪيو ۽ پوءِ 333 رنسون اسڪور ڪيون ۔۔۔۔ ٻي اننگ ۾ آسٽريليا 389 جي لڳ ڀڳ اسڪور ڪري پاڪستان کي 139 آئوٽ ڪيو هو۔۔۔ ان طرح اها ميچ آسٽريليا 36 رنسن تان کٽي وئي هئي۔۔۔
خير راند راند هوندي آهي ۔۔۔ ٿي سگهي ٿو هن دفعي ڳالهه مختلف ٿئي۔۔۔ بحرحال توهان جي دلچسپي کي ڏسي هي وڊيو لڳائجي ٿي جنهن ۾ آسٽريليا جو حشر ڏيکاريل آهي۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=Xxm_Gzs3-G4
 
جواب: 88 جي اسڪور تي سڀ آئوٽ۔۔۔

ادا رشيد ان کان پهرين پاڪستان آسٽريليا کي هڪ ڀيرو 80 جي ٽوٽل تي آئوٽ ڪري چڪي آهي، اڄ مزي جي ڳالهه ته پاڪستان جي سڀني بالرن گڏيل وڪيٽون ورتيون۔۔
 
جواب: 88 جي اسڪور تي سڀ آئوٽ۔۔۔

ادا رشيد ان کان پهرين پاڪستان آسٽريليا کي هڪ ڀيرو 80 جي ٽوٽل تي آئوٽ ڪري چڪي آهي، اڄ مزي جي ڳالهه ته پاڪستان جي سڀني بالرن گڏيل وڪيٽون ورتيون۔۔

ادا جڏهن مرضي پوين ٿي ته ڪجهه به ڪري ڏيکارين ٿا
 
Back
Top