عوام کان سفري سهولت نه کسيو! ابراهيم جوڻيجو/ڪي اين شاهه پوري دنيا ۾ ريلوي نظام ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿو. دنيا ۾ ريلون ٽرانسپورٽ جو آرامده، سستي ۽ سلامتي واري سفر جو اهم ذريعو آهن. پاڪستان ۾ ريلوي عوام لاءِ سستي ۽ آرام ده سفر جو پڻ اهم ذريعو بڻيل آهي. حڪومت جي تازي کنيل قدم مطابق 6 اهم مسافر ريلون خساري ۽ انجڻيون نه هئڻ جو سبب ڄاڻائي بند ڪيون ويون آهن، جنهن سان معيشت کي ڪاپاري ڌڪ ته لڳندو ئي، پر غريب مسافرن جي مشڪلاتن ۾ پڻ اضافو ٿيندو. غريب عوام، جنهن جو هر وقت مختلف طريقن سان استحصال ڪيو وڃي ٿو. هاڻي جڏهن ريلون بند ڪيون ويون آهن ته روڊ ٽرانسپورٽ مافيا غريبن جو ڀرپور استحصال ڪندي. اها ته ڀلي ڀت سڀني کي خبر آهي ته عيد جو موقعو هجي، يا ڪو ٻيو موقعو هجي، پوءِ ته ٽرانسپورٽرن جي طرفان ڪراين ۾ ٻيڻ تي واڌ معمول بڻيل هوندي آهي. صرف ريل ئي واحد سفري ذريعو آهي، جنهن سان غريب استحصال کان بچي وڃي ٿو. سرڪار وقتن فوقتن اعتراف ڪري ٿي ته ريلوي ۾ تمام گهڻي حد تائين بدعنواني آهي. سرڪار کي گهرجي ته بدعنواني جو خاتمو آڻي، نه ڪي ريلن جو. لڳي ائين ٿو ته اها ريلن کي بند ڪرڻ وارو ڪارنامو ٽرانسپورٽ مافيا جي چوڻ تي ڪيو ويو آهي، ڇو ته اسيمبلين ۾ اهڙا گهڻا ئي ميمبر آهن، جن جو ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار آهي.
جواب: عوام کان سفري سهولت نه کسيو سائين مري ته اسان جهڙا به غريب ويا عيد ته وري ٽرانسپوٽ وارن جي ٿي وئي۔ اڳلي قرباني واري عيد تي هزار ڪرايو ڪري ڳوٺ وياسين هن عيد تي 2 هزار ڪرايو ٿي ويندو۔