دوستو ائين ڀڄندي آهي ڳجهارت ادا رشيد سمون ڏسو واقعي سگهڙ پيو لڳي مون اوهان دوستن کي هنٽ به ڏني هئي پر ادا ڪيترا نالا ڪاٺ جي شين جا کنيا آهن۔۔۔
نيٺ وڃي پار پيو ۽ ڳجهارت جي چوٿين پتي ڳجهارت کي لڳي پئي
ادا لکيو آهي ته ڪاٺ جو رهل۔۔۔۔۔
ادا رشيد هاڻي ڳجهارت سولي ڪرڻي پئجي وئي
ڳجهارت: ڪاٺ مٿان درياهه ڪو ترڻ وارو آهي۔۔۔۔
ڳجهارت جو حلۡ: رهل مٿان قرآن ڪو پڙهڻ وارو آهي۔۔۔۔۔۔
ڳجهارت مان ڪاٺ مان مُراد رهل ٿيو ، درياهه مان مُراد قرآن شريف ٿيو ترڻ مان مراد پڙهڻ وارو ٿيو۔۔۔
دوست ادا رشيد کي لکين واڌايون هجن جو ادا ڳجهارت کي سڌو ڪري ويو
سائين هي تمام پياري ڪچهري آهي۔۔۔ اوهان رڳو ڳجهارت کي هر هر پڙهندا ڪريو پو ان ۾ جنهن شئي جو ذڪر هجي ان شين جا نالا کڻندا وڃو ته پاڻهي ڳجهارت سڌي ٿي ويندي۔۔۔۔ جيئن ادا رشيد ڪيو آهي۔۔۔ انهي سان گڏ اوهان دوستن کي پڻ تمام گهڻو مزو به ايندو۔۔۔۔۔