نظم
نثاراحمدناز
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجي جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم
امن نالي ڪربلائون، ڌارين جون سنڌ مٿان
روز تبرا ۽ سزائون، ڌارين جون سنڌ مٿان
نيچ نظرون بدنگاهون ڌارين جون سنڌ مٿان
مون ڏٺيون هرروز ڪاهون، ڌارين جون سنڌ مٿان
هڪ هڪاڻي نيٺ ٿيندي، بد گُمان ٿيندا ڀسم
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم
چور تنهنجو هيل چڙهتو، ڪو هَلي ممڪن نه آ
هر دروهي ديس ڪڙڪو، ڪو هلي ممڪن نه آ
۽ اچانڪ باهه ڀڙڪو، ڪو هَلي ممڪن نه آ
هاڻ سنڌ تي داٻ ڌڙڪو، ڪو هلي ممڪن نه آ
ڪونه مڃبو ڪوڙ جي دستور کي او بي شرم
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم
ديس منهنجي جو لٽيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
دل ۾ لُنڊيون من جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم
پاڻ پنهنجو اڄ ملهايان، ٿي حلالي پُٽِ هِتي
شعر سنڌ لئه گيت ٺاهيان، ٿي حلالي پُٽِ هِتي
جان گهوري ڪنڌ ڪپايان ٿي حلالي پُٽِ هِتي
ٿڃ مِٺيءَ جو قرض لاهيان، ٿي حلالي پُٽِ هِتي
هڪ جنم منهنجو ته گهٽ آ گهورجان مان هرجنم
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم