سوچ منهنجي جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0


    نظم
    نثاراحمدناز

    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
    سوچ منهنجي جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم


    امن نالي ڪربلائون، ڌارين جون سنڌ مٿان
    روز تبرا ۽ سزائون، ڌارين جون سنڌ مٿان
    نيچ نظرون بدنگاهون ڌارين جون سنڌ مٿان
    مون ڏٺيون هرروز ڪاهون، ڌارين جون سنڌ مٿان
    هڪ هڪاڻي نيٺ ٿيندي، بد گُمان ٿيندا ڀسم
    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
    سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم


    چور تنهنجو هيل چڙهتو، ڪو هَلي ممڪن نه آ
    هر دروهي ديس ڪڙڪو، ڪو هلي ممڪن نه آ
    ۽ اچانڪ باهه ڀڙڪو، ڪو هَلي ممڪن نه آ
    هاڻ سنڌ تي داٻ ڌڙڪو، ڪو هلي ممڪن نه آ
    ڪونه مڃبو ڪوڙ جي دستور کي او بي شرم
    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
    سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم


    ديس منهنجي جو لٽيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
    ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
    دل ۾ لُنڊيون من جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
    سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
    ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم
    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
    سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم


    پاڻ پنهنجو اڄ ملهايان، ٿي حلالي پُٽِ هِتي
    شعر سنڌ لئه گيت ٺاهيان، ٿي حلالي پُٽِ هِتي
    جان گهوري ڪنڌ ڪپايان ٿي حلالي پُٽِ هِتي
    ٿڃ مِٺيءَ جو قرض لاهيان، ٿي حلالي پُٽِ هِتي
    هڪ جنم منهنجو ته گهٽ آ گهورجان مان هرجنم
    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
    سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم
     
  2. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    موجوده حالات سان ٺهڪندڙ شاعري آهي، ادا سلطان مهرباني
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا سُلطان، توهان جي انهيءَ جذبي کي سلام جنهن جذبي سان مُنهنجي هيءَ شاعري سنڌ سلامت جي سموري سٿ کان سواءِ سموري سنڌ جي سنڌين سان شيئر ڪئي، دوست مان ته پنهنجي هي شاعري سنڌ سلامت تي ڏسي پنهنجي اکين کي روئڻ کان جهلي نه سگهيس، اي ڪاش ادا سُلطان جي هٿان موڪليل مُنهنجي هي ننڍڙي ڪاوش هر مظلوم سنڌي جي دل جو آواز بڻجي پوي، سنڌ مٿان ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ جو ڪو بهانو بڻجي پوي اي ڪاش اي ڪاش...............​
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    شال رب ڪريم انهي شاعري کي اسان سڀني سنڌين جي دل جو آواز بنائيندو، نيٺ اهڙي هٺ ڌرمي کان آزاد ٿي ڪري هن پنهنجي سنڌ تي سنڌين جا نعرا گونج دا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين محترم اهڙي شاعري اصل ائين پيو لڳي ته اهي لفظ منهنجي دل مان اڀري نڪتا هجن، مان ته ڇا پر هر سنڌي جي دل جي ڌڙڪن بڻجي ڪري نيٺ هڪ ڏينهن اوهان جي محنت ضرور رنگ لائيندي۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabash
    shal judy hujeen
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا بلڪل سچ ٿا چئو۔
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين اوهان جي تمام گهڻي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو