نثاراحمد ناز
سنڌ ديس جا او واسي .ڇالئه رهو اُداسي،
مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي
ــــ
سو وقت نيٺ ايندو، مهڪي چمن به ويندو،
آزاد هِنَ فَضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو،
رهندي نه رات هاڻي، ڪا رات هت اُماسي
سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
ـــ
پنهنجي ته آشيان جو سپنن جي ساڀيان جو
هر گام همرچي سان سوراج آجيان جو
اعلان جلد ٿيندو ٻُڌندا خبر خُلاصي
سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
ــــ
ڪنهن جي نه ڪاڻ هُوندي، ميزان ساڻ هُوندي،
انصاف جي ته ديوي ايمان ساڻ هُوندي،
تُرندي نه ساهمي ڪا، هي ”ناز“ هيڪ پاسِي
سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهواُداسي
مولا ڪندو سڻائي هرڳالهه هوندي خاصي