سنڌ ديس جا او واسي .ڇالئه رهو اُداسي،

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    نثاراحمد ناز

    سنڌ ديس جا او واسي .ڇالئه رهو اُداسي،
    مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي
    ــــ
    سو وقت نيٺ ايندو، مهڪي چمن به ويندو،
    آزاد هِنَ فَضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو،
    رهندي نه رات هاڻي، ڪا رات هت اُماسي
    سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
    ـــ
    پنهنجي ته آشيان جو سپنن جي ساڀيان جو
    هر گام همرچي سان سوراج آجيان جو
    اعلان جلد ٿيندو ٻُڌندا خبر خُلاصي
    سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
    ــــ
    ڪنهن جي نه ڪاڻ هُوندي، ميزان ساڻ هُوندي،
    انصاف جي ته ديوي ايمان ساڻ هُوندي،
    تُرندي نه ساهمي ڪا، هي ”ناز“ هيڪ پاسِي
    سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهواُداسي
    مولا ڪندو سڻائي هرڳالهه هوندي خاصي
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا سُلطان يقين ڪر اڄ خبر پئي ته سنڌي دوست مُنهنجي حقير ڪاوشن کي دل سان پڙهن به ٿا ۽ جيءَ ۾ جايون ڀي ڏين ٿا. مُنهنجي هن اميدن ڀريل شاعري کي توهان سموري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪيو لک ٿورا​
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين، نثار ناز صاحب توهان جي حقير ڪاوشون نه پر زبردست ۽ مشهور ڪاوشون اسان جي روح ۾ آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو