• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

طاهر سنڌي کي هڪ دفعو ٻيهر مبارڪون

جواب: طاهر سنڌي کي هڪ دفعو ٻيهر مبارڪون

ادا طاهر اوهان کي 2000 تحريرن جي انگ ٽپڻ تي مبارڪ باد هجي۔۔۔
 
جواب: طاهر سنڌي کي هڪ دفعو ٻيهر مبارڪون

يار طاهر سان ڊڪ ۾ پڄڻ مشڪل آهي ۔۔۔ اصل اسان جهڙن پوڙهن کي ته سهڪائي ٿو وجهي ۔۔۔ ادا طاهر رب توکي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ ايئن ئي تون سنڌ سلامت سان جڙيل هجين ۔۔۔ آمين

هاڻ ته ڳالهه مبارڪن کان چڙهندي ٿي وڃي ۔۔۔ جڏهن ملاقات ٿي ته مٿي ته هڪ مٺي ضرور ڏبي ۔۔ قبول پوي ۔۔۔

دعائن ۾ گڏ

سهڻا سائين الله تعالي اوهان کي خوش رکي
يقين ڪريو ته خود مونکي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آهي
اوهان جي لفظن پڙهڻ کان بعد ايتري دير کان بعد جواب پيو ڏيان سمجهه ۾ نه پئي آيم ته اوهان جي لفظن جي حق ادائيگي ڪيئن ڪريان
هاڻي به اهو ئي دل فيصلو ڪيو ته اوهان جي خوبصورت لفظن جي حق ادائيگي نه ٿي ٿي سگهي
بس اها آس اٿم ته شل جت هجو جڙيا هجوآباد هجو
مولا اهو ڏينه جلد ڏيکاري جڏهن اوهان جو ديدار نصيب ٿئي
اوهان جو ڏنل تحفو لک شڪرانن سان قبول اٿم
دعائن ۾ ياد
 
جواب: طاهر سنڌي کي هڪ دفعو ٻيهر مبارڪون

طاهر سنڌي منهنجو دوست آهي، مان کيس سندن ڪاوشن تي سلام پيش ڪيان ٿو۔

.....................................

طاهر سنڌي منهنجو هڪ سٺو دوست آهي، مان کيس سندن ڪاوشن تي سلام پيش ڪيان ٿو۔
 
جواب: طاهر سنڌي کي هڪ دفعو ٻيهر مبارڪون

ادا طاهر کي کوڙ ساريون واڌايون هجن ۔۔۔۔۔۔ الاء ڇو سليمان وساڻ کان هن دفي طاهر نظر کان رهجي ويو نه ته ڪو وڏو خوبصورت ٿريڊ ٺاهيس هان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شايد مصروف هوندو۔۔۔۔

طاهر جون ڪوششون سنڌ سلامت لاء تعريف جوڳيون آهن۔ هن دوست جي سنڌ سلامت جي خوبي آهي ته سنڌ سلامت جا دوست هڪ جڳهه تي گڏ ڪرڻ ء انهن سان گڏ ڪچهري رچائڻ ء خاطر تواز ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔

وري به هن دوست کي منهنجي طرفان کوڙ ساريو واڌايون
 
Back
Top