هڪ ماڻهون جي گهر هڪ ڪتو ۽ هڪ گڏهه گڏ رهندا هئا۔۔۔۔ ڪتو مالڪ جي گهر جي سنڀال ڪندو هو جڏهن ته گڏهه مالڪ لاءِ بار کڻندو هو۔۔۔ هڪ ٽاڪ مجهند جي وقت جڏهن گهر جي ورهانڊي ۾ اونهاري جي سخت گرمي کان بچندي ڪتو آرامي هو۔۔۔ ته گهر ٻاهران ڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو۔۔۔ ڪتي پنهنجي ڪنن کي مٿي کڙو ڪندي مٿو کنيو ۽ ٻيهر آرامي ٿيو۔۔۔ اهو ڏسي ڀرسان بيٺل گڏهه ڪتي کي چيو۔۔۔”ڇو تو ڀونڪ نه ڪئي۔۔۔۔ ٿي سگهي ٿو ٻاهر ڪو چور هجي۔۔۔۔“ ڪتي کيس جواب ڏيندي چيو۔۔۔ ”پنهنجي ڪم سان ڪم رک۔۔۔!“ ۽ ٻيهر سستي سان آرامي ٿيو۔۔۔ پر گڏهه ڪتي جي لفظن کي اڻ ٻڌو ڪيو۔۔۔۔ هو پنهنجي مالڪ سان وفاداري نڀائيندي کيس چورن کان بچائڻ چاهي پيو۔۔۔ ان ڪري ٻيو ڪجهه نه سوجهي۔۔۔ هن زور زور سان هينگڻ شروع ڪيو۔۔۔ مالڪ جيڪو ٿڪيل ٽٽل هو ۽ مانجهندي جي گرمي کان بچڻ لاءِ اندر ڪمري ۾ ستل هو۔۔۔ گڏهه جي زور زور سان هينگڻ ٿي سجاڳ ٿي پيو۔۔۔ ۽ ڪاوڙ مان اٿندي ڀرسان رکيل سوٽي کڻي گڏهه کي ٻه چار وهائي ڪڍيون۔۔۔ سبق؛ تڏهن ته چوندا آهن ۔۔۔ هميشه پنهنجي ڪم سان ڪم رکجي۔۔۔!
جواب: هميشه پنهنجي ڪم سان ڪم رکجي۔۔۔! سائين رشيد صاحب۔۔ هن ۾ بهترين سبق آهي، واقعي ذميوارين کي نڀائڻ ضروري آهي، پر جڏهن اهي پنهنجيون هجن۔۔۔ مهرباني
جواب: هميشه پنهنجي ڪم سان ڪم رکجي۔۔۔! ها ها ها ها، ادا مونکي به انهي ڳالهه سان ملندڙ جلندڙ ڳاله ياد اچي وئي آهي ڪنهن باغ ۾ هڪ ڇوڪرو چاڪليٽ مٿان چاڪليٽ کائي رهيو هو، ته ڀر واري بينچ تي ويٺل همراه چوڻ لڳو ته" جيڪو مٺاڻ گهڻو کائيندو آهي اهو جلد مري ويندو آهي۔ ڇوڪرو؛ توکي خبر آهي منهنجي ڏاڏي جي عمر 120 سال هئي۔ همراهه؛۔ پڪ سان تهنجو ڏاڏو مٺاڻ گهٽ کائيندو هوندو ڇوڪرو؛۔ نه منهنجو ڏاڏو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو هو،