هميشه پنهنجي ڪم سان ڪم رکجي۔۔۔!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,669
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ ماڻهون جي گهر هڪ ڪتو ۽ هڪ گڏهه گڏ رهندا هئا۔۔۔۔
    ڪتو مالڪ جي گهر جي سنڀال ڪندو هو جڏهن ته گڏهه مالڪ لاءِ بار کڻندو هو۔۔۔
    هڪ ٽاڪ مجهند جي وقت جڏهن گهر جي ورهانڊي ۾ اونهاري جي سخت گرمي کان بچندي ڪتو آرامي هو۔۔۔ ته گهر ٻاهران ڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو۔۔۔ ڪتي پنهنجي ڪنن کي مٿي کڙو ڪندي مٿو کنيو ۽ ٻيهر آرامي ٿيو۔۔۔
    اهو ڏسي ڀرسان بيٺل گڏهه ڪتي کي چيو۔۔۔”ڇو تو ڀونڪ نه ڪئي۔۔۔۔ ٿي سگهي ٿو ٻاهر ڪو چور هجي۔۔۔۔“
    ڪتي کيس جواب ڏيندي چيو۔۔۔ ”پنهنجي ڪم سان ڪم رک۔۔۔!“ ۽ ٻيهر سستي سان آرامي ٿيو۔۔۔
    پر گڏهه ڪتي جي لفظن کي اڻ ٻڌو ڪيو۔۔۔۔ هو پنهنجي مالڪ سان وفاداري نڀائيندي کيس چورن کان بچائڻ چاهي پيو۔۔۔ ان ڪري ٻيو ڪجهه نه سوجهي۔۔۔ هن زور زور سان هينگڻ شروع ڪيو۔۔۔
    مالڪ جيڪو ٿڪيل ٽٽل هو ۽ مانجهندي جي گرمي کان بچڻ لاءِ اندر ڪمري ۾ ستل هو۔۔۔ گڏهه جي زور زور سان هينگڻ ٿي سجاڳ ٿي پيو۔۔۔ ۽ ڪاوڙ مان اٿندي ڀرسان رکيل سوٽي کڻي گڏهه کي ٻه چار وهائي ڪڍيون۔۔۔

    سبق؛ تڏهن ته چوندا آهن ۔۔۔ هميشه پنهنجي ڪم سان ڪم رکجي۔۔۔!
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هميشه پنهنجي ڪم سان ڪم رکجي۔۔۔!

    سائين رشيد صاحب۔۔ هن ۾ بهترين سبق آهي، واقعي ذميوارين کي نڀائڻ ضروري آهي، پر جڏهن اهي پنهنجيون هجن۔۔۔ مهرباني
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: هميشه پنهنجي ڪم سان ڪم رکجي۔۔۔!

    ها ها ها ها، ادا مونکي به انهي ڳالهه سان ملندڙ جلندڙ ڳاله ياد اچي وئي آهي

    ڪنهن باغ ۾ هڪ ڇوڪرو چاڪليٽ‌ مٿان چاڪليٽ کائي رهيو هو، ته ڀر واري بينچ تي ويٺل همراه چوڻ لڳو ته‌" جيڪو مٺاڻ گهڻو کائيندو آهي اهو جلد مري ويندو آهي۔

    ڇوڪرو؛ توکي خبر آهي منهنجي ڏاڏي جي عمر 120 سال هئي۔
    همراهه؛۔ پڪ سان تهنجو ڏاڏو مٺاڻ گهٽ کائيندو هوندو
    ڇوڪرو؛۔ نه منهنجو ڏاڏو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو هو،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو