سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم دوستو!،،،
    توهان سوچيندا هوندو ته مان شايد چائينا جي مال جي ڳالهه پيو ڪريان، ڇو ته پاڻ‌وٽ مشهور آهي ته سستو مال ته صرف چين ٺاهي ٿو۔ پر ايئن نه آهي، سڀ کان سستيون ٽيڪنالوجي خاص ڪري اليڪٽرانڪس جون شيون انڊيا ۾ تيار ٿين ٿيون، توهان کي ياد هوندو ته ڪجهه سال اڳ انڊيا ۾‌نينو ڪار (2،127 ڊالر قيمت سان) تياري کان بعد مشهور ٿي هئي، جنهن جي تخليق ڪرڻ واري مالڪ جو خواب اهو آهي ته انڊيا جي هر شهري وٽ ڪار هجڻ گهرجي۔۔ پوءِ اها ڪار مارڪيٽ ۾ ڪيترو هلي اها توهان کي خبر هوندي۔۔ (نه ته به رنجيت کان پڇي وٺجو)، انهيءَ‌ڪار کان پوءِ دنيا جو سستو ترين پاڻي صاف ڪرڻ‌جو ڪولر(واٽر پيوريفائير قيمت صرف 16 ڊالر ) به انڊيا طرفان تيار ڪيو ويو، اهڙي طرح دنيا جي سستي ترين اوپن هارٽ سرجري به انڊيا ۾‌ئي ٿئي ٿي، جنهن تي 2000 ڊالر خرچ اچي ٿو۔
    هاڻي انڊيا وارن هڪ ننڍو ٽيبليٽ پروٽوٽائيپ پي سي ٺاهيو آهي، جيڪو آءِ فون جي فيچرس سان به ڀرپور آهي، پر ان جي قيمت شايد آءِ فون جي 14هين حصي جي به برابر نه آهي ، سندس قيمت آهي رڳو 35 ڊالر، اهو ٽچ اسڪرين ڪمپيوٽر شاگردن جي سهولت کي ذهن ۾ رکي ٺاهيو ويو آهي، جيڪو مارڪيٽ ۾ تياريءَ لاءِ‌ رکيو پيو وڃي ۽ 2011 تائين هي وڪري لاءِ‌موجود هوندو۔ مفت ۽ هاءِ ڪلاس آپريٽنگ سسٽم لينڪس جي هن ۾ اڳ ۾ ئي انسٽاليشن ٿيل هوندي۔ هن ۾ جيڪي فنڪشن اڳ ۾ ئي موجود هوندا انهن ۾ وڊيو ڪانفرنسنگ، ورڊ پراسيسنگ ۽ ويب برائوزنگ پڻ شامل آهي۔
    جيڪا ڳالهه هن کي ٻين ڪمپيوٽرن کان منفرد ڪري ٿي اها هيءَ‌ته هڪ ننڍي سولر پينل ڊوائيس جي اضافي سان هن ڪمپيوٽر ۾ سج جي روشنيءَ‌کي به ڪتب آڻي سگهجي ٿو۔ اهو انڊيا جهڙي بجليءَ‌جي بحران رکڻ واري ملڪ لاءِ وڏو انقلاب آهي (في الحال انهيءَ‌سولر پينل ڊوائيس جي قيمت مهانگي ٻڌائي پئي وڃي)
    هن ڪمپنيءَ‌جي مالڪ جو چوڻ آهي ته هي 35 ڊالرن وارو ٽيبليٽ ڪمپيوٽر اسان جي طرفان مشهور زمانه ايم آءِ ٽي ڪمپني جي 100 ڊالر واري ٽيبليٽ ڪمپيوٽر جي لاءِ‌هڪ جواب آهي، ياد رهي ته 2005 ۾ ايم آءِ ٽي ڪمپنيءَ‌طرفان پٺتي پيل ملڪن جي ترقي لاءِ 100 ڊالر قيمت واري ٽيبليٽ ڪمپيوٽر جي تياريءَ بعد فراهميءَ‌جو اعلان ڪيو ويو هو، پر انڊيا ان ڪمپيوٽر کي مهانگو ڄاڻائي اها آفر ٿڏي ڇڏي ۽ انهن ايترن سالن جي محنت بعد پنهنجو ٽيبليٽ ڪمپيوٽر ٺاهيو۔
    ماهرن جي چوڻ‌موجب ته انڊيا جو ٺاهيل اهو ڪمپيوٽر، ڪمپيوٽنگ جو مستقبل آهي۔ ڇو ته اڄ ڪلهه جي آءِ فون جي قيمت تقريبن 400 ڊالر آهي، جڏهن ته انهيءَ‌جڳهه تي هي ننڍو ڪمپيوٽر ساڳئي فنڪشنز سان 35 ڊالر ۾‌ملندو يعني اهڙا 11 ڪمپيوٽر ماڻهو خريد ڪري سگهي ٿو۔
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    ادا مست اهڙي ناياب شئيرنگ جي مهرباني ڇا ڀلا اهو ڪمپيوٽر هن وقت پاڪستان ۾ موجود آهي، اگر آهي ته سنگت کي ٻڌايو
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    سائين انهيءَ ڪمپيوٽر جو افتتاح انڊيا ۾ ئي اڃان ٽي ڪلاڪ پهرين ٿيو آهي۔۔ ها ها ها
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    هل ڙي مست، ايترو تيز
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    اي ڪاش ڪو اهڙو وقت اچي جڏهن سنڌ ان ميدان ۾ سڀ کان اڳري هجي & سنڌي پروگرامر & انجنيئر اهڙا ڪم پنهنجي سنڌين لاءِ تيار ڪن
    آمين
     
  7. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    مست بابا سائين سنڌ سلامت تي ڇانئجي ويو آهي۔ مهرباني ادا
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    ادا ذميداري به ته اهڙي کئين اٿس نه
     
  9. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    جي ادا انڊيا ۾ واقي سستيو ۽ پائدار شيو ٺاهن ٿيو شايد هنن هڪ ٻه شهر صرف آئي ٽي جا آهن جنهن ۾ ڪيمرا موبائيل ڪمپيوٽر جو سمان تيار ٿئي ٿو
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    ها ادا انڊيا جو حيدرآباد دنيا ۾ نمبر پهريون آءِ ٽيءَ جو شهر آهي۔۔۔
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    جي ادا تمام بهترين اڄ ڪاوش اخبار ۾ ب هن جي خبر آئي هئي مان ادا رنجيت کي چئي اهو ليپ ٽاپ گهرايان ٿو باقي سنگت جي آ مرضي.
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    ادا مست اوهان جي مهرباني جو نئين ٽيڪنالاجي جي خبر اسان تائين پهچايو ٿا شال جڙيا هجو۔
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    واهه واهه ادا۔۔ اهو پاڪستاني 2500 رپين جيترو مس پوندو۔۔۔
     
  14. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    سهڻل سائين حيدرآباد نه پر بئنگلور جنهن کي آئي ٽي سٽي چيو ويندو آهي۔۔۔۔
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    سهڻا تصحيح ڪرڻ جي مهرباني۔۔ هاڻي خيال ڪجان سڄي سنگت توکي انهيءَ‌ليپ ٽاپ جي آڻڻ‌جو چوندي۔۔
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    مٺا اڳاڙيون ۽‌پڇاڙيون هڻي ڪري اهو ليپٽان توهان 25000 پوندو
    اڳاڙيون ۔۔۔۔ ڪسٽم
    پڇاڙيون۔۔۔۔۔ پاڻ سمجهو ٿا۔
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    اڙي فقيرن سان ڪهڙا ليکا ٿو ڪرين، حيدرآباد يا بئنگلور آهي ته هندستان ئي نه
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    نه سائين وڌ‌۾ وڌ ڪسٽم ڊيوٽي سان گڏ 5 هزارن تائين پئجي سگهي ٿو۔۔
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    الله ڪري ايترن ۾ ئي ملي
     
  20. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سستو ترين ٽيبليٽ (ليپٽاپ) ڪمپيوٽر۔۔۔

    اها ته ليٽيسٽ نيوز آهي جو 2500 روپين واري انڊيا جي ٽيبليٽ پي سي تي 2500پاڪستاني روپين جي ڊيوٽي لڳندي، مست تون اهڙيون خبرون هلائي اسان واري جادوگر جون سِڪُون پيو لاهين۔ ڪٿي جادوگر گُرو جو چيلو ته ڪونه ٿِي ويو آهين۔ 7 آگسٽ تي برابر هُن ناز چرئي جي پُٽ جي شادي واري وليمه تي گُرو ۽ چيلو پڪ سان ٻئي نظر پئي آيا۔ خوب ترقي ڪندا توهان آئي ٽي وارين جادو سان ڀريل خبرون ڏيڻ تي، زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو