مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!،،،
توهان سوچيندا هوندو ته مان شايد چائينا جي مال جي ڳالهه پيو ڪريان، ڇو ته پاڻوٽ مشهور آهي ته سستو مال ته صرف چين ٺاهي ٿو۔ پر ايئن نه آهي، سڀ کان سستيون ٽيڪنالوجي خاص ڪري اليڪٽرانڪس جون شيون انڊيا ۾ تيار ٿين ٿيون، توهان کي ياد هوندو ته ڪجهه سال اڳ انڊيا ۾نينو ڪار (2،127 ڊالر قيمت سان) تياري کان بعد مشهور ٿي هئي، جنهن جي تخليق ڪرڻ واري مالڪ جو خواب اهو آهي ته انڊيا جي هر شهري وٽ ڪار هجڻ گهرجي۔۔ پوءِ اها ڪار مارڪيٽ ۾ ڪيترو هلي اها توهان کي خبر هوندي۔۔ (نه ته به رنجيت کان پڇي وٺجو)، انهيءَڪار کان پوءِ دنيا جو سستو ترين پاڻي صاف ڪرڻجو ڪولر(واٽر پيوريفائير قيمت صرف 16 ڊالر ) به انڊيا طرفان تيار ڪيو ويو، اهڙي طرح دنيا جي سستي ترين اوپن هارٽ سرجري به انڊيا ۾ئي ٿئي ٿي، جنهن تي 2000 ڊالر خرچ اچي ٿو۔
هاڻي انڊيا وارن هڪ ننڍو ٽيبليٽ پروٽوٽائيپ پي سي ٺاهيو آهي، جيڪو آءِ فون جي فيچرس سان به ڀرپور آهي، پر ان جي قيمت شايد آءِ فون جي 14هين حصي جي به برابر نه آهي ، سندس قيمت آهي رڳو 35 ڊالر، اهو ٽچ اسڪرين ڪمپيوٽر شاگردن جي سهولت کي ذهن ۾ رکي ٺاهيو ويو آهي، جيڪو مارڪيٽ ۾ تياريءَ لاءِ رکيو پيو وڃي ۽ 2011 تائين هي وڪري لاءِموجود هوندو۔ مفت ۽ هاءِ ڪلاس آپريٽنگ سسٽم لينڪس جي هن ۾ اڳ ۾ ئي انسٽاليشن ٿيل هوندي۔ هن ۾ جيڪي فنڪشن اڳ ۾ ئي موجود هوندا انهن ۾ وڊيو ڪانفرنسنگ، ورڊ پراسيسنگ ۽ ويب برائوزنگ پڻ شامل آهي۔
جيڪا ڳالهه هن کي ٻين ڪمپيوٽرن کان منفرد ڪري ٿي اها هيءَته هڪ ننڍي سولر پينل ڊوائيس جي اضافي سان هن ڪمپيوٽر ۾ سج جي روشنيءَکي به ڪتب آڻي سگهجي ٿو۔ اهو انڊيا جهڙي بجليءَجي بحران رکڻ واري ملڪ لاءِ وڏو انقلاب آهي (في الحال انهيءَسولر پينل ڊوائيس جي قيمت مهانگي ٻڌائي پئي وڃي)
هن ڪمپنيءَجي مالڪ جو چوڻ آهي ته هي 35 ڊالرن وارو ٽيبليٽ ڪمپيوٽر اسان جي طرفان مشهور زمانه ايم آءِ ٽي ڪمپني جي 100 ڊالر واري ٽيبليٽ ڪمپيوٽر جي لاءِهڪ جواب آهي، ياد رهي ته 2005 ۾ ايم آءِ ٽي ڪمپنيءَطرفان پٺتي پيل ملڪن جي ترقي لاءِ 100 ڊالر قيمت واري ٽيبليٽ ڪمپيوٽر جي تياريءَ بعد فراهميءَجو اعلان ڪيو ويو هو، پر انڊيا ان ڪمپيوٽر کي مهانگو ڄاڻائي اها آفر ٿڏي ڇڏي ۽ انهن ايترن سالن جي محنت بعد پنهنجو ٽيبليٽ ڪمپيوٽر ٺاهيو۔
ماهرن جي چوڻموجب ته انڊيا جو ٺاهيل اهو ڪمپيوٽر، ڪمپيوٽنگ جو مستقبل آهي۔ ڇو ته اڄ ڪلهه جي آءِ فون جي قيمت تقريبن 400 ڊالر آهي، جڏهن ته انهيءَجڳهه تي هي ننڍو ڪمپيوٽر ساڳئي فنڪشنز سان 35 ڊالر ۾ملندو يعني اهڙا 11 ڪمپيوٽر ماڻهو خريد ڪري سگهي ٿو۔