نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ساري دنيا جا سنڌي دوستو۔ جيئن ته توهان سڀني دوستن کي خبر آهي ته منهنجي وڏي پُٽ جي شادي جي خوشين واريون تقريبون گهر ۾ زور ۽ شور سان جاري آهن، مصروفيتون به انتهائي انتهائي گهڻيون آهن ، ان هُوندي به ڏات جي ديوي جون مهربانيون آهن جو توهان ساٿين لا هڪڙو غزل تخليق ٿي ويو اڌ ڪلاڪ پهرين هي غزل جُڙي راس ٿيو آهي۔ هن کي ڊيزائن جي صورت به ڏئي پي سگهيس پر وري به پُٽ جي شادي جي ڪري مون وٽ ٽائم گهٽ ۽ مقابلو گهڻو آهي ان ڪري بغير ڊيزائن جي هي غزل توهان دوست جي نظر پيو ڪريان۔ اميد ته پسند ايندو۔ توهان جي واڌو ڪاٽو ڪامينٽس جو شدت سان منتظر رهندس۔
غزل
نثاراحمد ناز
ڇا ته جلوو جمال ماشا الله !
حُسن تُنهنجو ڪمال ماشاالله !
موهه تُنهنجي ۾ مستَ شام و سحر ،
جا بَجا ڪن ڌمال ماشا الله !
عشق هاڻي ته، جسٽ نو پرا بلم !
موبائل جِي ته ڪال ماشا الله !
ڏينهن فرقت ڪڏهن ته کُٽندو هتي ،
رات ٿيندي وصال ماشا الله !
جسم وڪجن هتي ته ٻولِي لڳي ،
چند نوٽن جِي ڳالهه ماشا الله !
سُونهن سانئڻ ڀلا ڇا واکاڻيون ،
سنڌ صديون ۽ سال ماشا الله !
”ناز“ سنڌ جا سپوت سارا حسين ،
ڄڻ ته هيرا ۽ لال ماشا الله !
نثاراحمد ناز
ڇا ته جلوو جمال ماشا الله !
حُسن تُنهنجو ڪمال ماشاالله !
موهه تُنهنجي ۾ مستَ شام و سحر ،
جا بَجا ڪن ڌمال ماشا الله !
عشق هاڻي ته، جسٽ نو پرا بلم !
موبائل جِي ته ڪال ماشا الله !
ڏينهن فرقت ڪڏهن ته کُٽندو هتي ،
رات ٿيندي وصال ماشا الله !
جسم وڪجن هتي ته ٻولِي لڳي ،
چند نوٽن جِي ڳالهه ماشا الله !
سُونهن سانئڻ ڀلا ڇا واکاڻيون ،
سنڌ صديون ۽ سال ماشا الله !
”ناز“ سنڌ جا سپوت سارا حسين ،
ڄڻ ته هيرا ۽ لال ماشا الله !