سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر

جواب: سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر

ادا زبردست۔۔۔ تمام بهترين ونڊ آهي۔۔ منهنجا به ڪيترا ئي دوست هن سافٽ ويئر جي گهر ڪندا هئا۔۔ اهڙا ونڊ جاري رکو۔۔۔
 
جواب: سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر

واه سائين واه تمام بهترين مان بهترين ونڊ آهي اسان جا ٻار به بلڪل آساني سان سنڌي لکي سگهندا،

ادا زبردست
 
جواب: سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر

پر يار لنڪ صحيح نه آهي ساڳي سنڌ سلامت پيج تي واپسي ٿئي ٿي
 
جواب: سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر

سائين واقعي هي ته سنڌ ڏي ٿي وڃي لنڪ سهي نه آهي.
وڏا جلدي ڪر مان کي ڏاڍو شوق آهي سنڌي ٽائپينگ جو سهي لنڪ ڏي
 
جواب: سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر

يار عبدو، اهڙي حالت ته نه ڪر اسان سان، ان انتظار ۾ ته ٽيوٽرل کلندو ۔۔۔ پر ڦري گهري اچي پهتاسون سنڌ سلامت تي ۔۔۔ هل ته سهي ۔۔۔ تکي ڪاتي هٿ ڪري، مڏي سان م مار ۔۔۔
 
جواب: سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر

دوستن کي گذارش آهي ته لنڪ صحيح ۽ فعال آهي ، اوهان فقط لنڪ تي مائوس سان رائيٽ‌ڪلڪ ڪري پوءِ‌ save Target as جي آپشن کي سليڪٽ ڪندا ته آرام سان ڊائونلوڊنگ ٿي ويندي۔۔ مهرباني
 
جواب: سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر

ادا عبدالوهاب ۔۔ مان هن فائل کي هاڻي ڊائونلوڊ ڪري ڏٺو آهي، اويرا اينٽي وائرس هن ۾‌مال ويئر جو خطرو ٻڌائي ٿو ۽ ڪا فائل ڊليٽ ڪري ٿو، انهيءَ فائل جي ختم ٿيڻ‌کان پوءِ هي سافٽ ويئر ڪم جو نه ٿو رهي، مهرباني ڪري ڪنهن صاف فائل جو لنڪ ڏيندا۔۔
 
جواب: سنڌي ٽائپنگ ٽيوٽر

ادا مست مون وٽ‌ ته اهو ٺيڪ ٺاڪ ٿو هلي ۽‌مون وٽ ڇٽي وارو (اويرا) اينٽيوائرس انسٽال ٿيل آهي۔ ان ته ڪجهه به نه ٻڌايو آهي ۔
 
Back
Top