عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
جواب: توهان ڇا ڪندا آهيو۔
سائين اوهان ڇا ڪندا آهيو۔۔۔۔؟ادا سائين مون به ڪجهه پڙهيو آهي، مون سنڌي پڙهي آهي، مون دوستن کي پڙهيو آهي، مون رشتن کي پڙهيو آهي، مون سماج کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سماج جي جامع ۾ اڃان شاگرد آهيان ۔۔۔ سچ ۽ ڪوڙ کي پرکڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، ڏکن ۽ سکن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان۔۔۔ دل ۽ دماغ جي پروڙ ۾ مصروف آهيان ۔۔۔
انسان ڄمڻ کان مرڻ تائين علم حاصل ڪري ٿو ۔۔۔ ڪجهه علم هنري هوندا آهن ڪجهه علم سماجي هوندا آهن ڪجهه علم روحاني هوندا آهن ۔۔۔ هر هڪ علم جو پنهنجو پنهنجو لطف آهي ۽ هر هڪ علم جي پنهنجي پنهنجي اهميت ۔۔۔
رب العالمين اسان سنڌين کي علم حاصل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين