حيدرآباد ۾ 12 سالن جي نينگر جي پاڙي وارن جي هٿان موت۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
حيدرآباد جي سرفراز ڪالوني ۾ جوابدارن ساڳئي پاڙي ۾ رهندڙ 12 سالن جي ڇوڪر کي چوريءَ جي الزام ۾ تشدد ڪري ۽ ڪرنٽ جا جهٽڪا ڏئي ماري ڇڏيو.
اطلاعن موجب جوابدارن سندن ئي پاڙي جي نينگر 12 سالن جي شهريار تي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين تشدد ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو ۽ چوريءَ جي الزام ۾ سچي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جنهن کان پوءِ به نه مڃڻ تي انهن جوابدارن شهريار کي پاڻيءَ جي هڪ ٽب ۾ ٻوڙي ان ۾ بجليءَ جي تارن ذريعي ڪرنٽ جا جهٽڪا ڏنا، انهيءَ دوران ڇوڪر جي حالت خراب ٿي وئي ۽ جوابدار نينگر کي موقعي تي ڇڏي فرار ٿي ويا. ان کان بعد مائٽ خبر پوڻ تي شهريار کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ سِول هسپتال کڻي پهتا ته اتي جي ڊاڪٽرن وينٽي ليٽر نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي علاج کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪراچي جي هسپتالن ڏانهن وڃڻ جو چئي ڇڏيو..
مائٽ شهريار کي ڪراچي کڻائي وڃي رهيا هئا ته حيدرآباد جي ويجهو ئي سندس انتقال ٿي ويو. شهريار 3 ڪلاس جو شاگرد هو، سندس والدين سندس غم ۾ بي حال ٿي ويا آهن. تعلقه ٿاڻي جي پوليس ڪيس ته داخل ڪري ڇڏيو آهي پر اڃان ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. شهريار جي تدفين ٽنڊو يوسف جي وڏي قبرستان ۾ ڪئي وئي ۽ ان جي مائٽن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪهڙي به حالت ۾ سندن جگر جي ٽڪڙي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي..
 
جواب: حيدرآباد ۾ 12 سالن جي نينگر جي پاڙي وارن جي هٿان موت۔۔

ياالله پنهنجي خير۔۔۔۔
ادا اهو ٻڌي نهايت افسوس ٿيو۔
 
جواب: حيدرآباد ۾ 12 سالن جي نينگر جي پاڙي وارن جي هٿان موت۔۔

انا لله وانا إليه راجعون
 
جواب: حيدرآباد ۾ 12 سالن جي نينگر جي پاڙي وارن جي هٿان موت۔۔

منهجا مولا رحم ڪر، تون ئي غفور رحيم آهين۔
 
جواب: حيدرآباد ۾ 12 سالن جي نينگر جي پاڙي وارن جي هٿان موت۔۔

بس مست جاني اهڙيون خبرون پڙهي ، ٻُڌي، ۽ ڏسي، تو مست جي مستي، مون نثار جو ناز الائي ڪيڏانهن گُم ٿيو وڃي اصل هاڻي اسان جهڙن سان مسئلو اهو ٿي پيو آهي ته ؛
هر ظلم سهو خاموش رهو۔
 
سائين ائين ئي ڪرڻو پوندو، حالات جو اهڙا ٿي ويا‌ آهن۔
 
جواب: حيدرآباد ۾ 12 سالن جي نينگر جي پاڙي وارن جي هٿان موت۔۔

بس مست جاني اهڙيون خبرون پڙهي ، ٻُڌي، ۽ ڏسي، تو مست جي مستي، مون نثار جو ناز الائي ڪيڏانهن گُم ٿيو وڃي اصل هاڻي اسان جهڙن سان مسئلو اهو ٿي پيو آهي ته ؛
هر ظلم سهو خاموش رهو۔

مطلب ته هاڻي پاڙو نبيءَ‌کي به پيارو وارو دور نه رهيو آهي، پر سائين ظلم تي خاموش نه رهبو
 
Back
Top