15 سال بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سڊني جو ڀوت ليڊز ۾ دفن ڪري ڇڏيو 15 سال جي طويل عرصي ۽ انتظار کان پوءِ سلمان بٽ جي قيادت ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ کي ٽيم تاريخ ساز ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ڪامياب پاڪستان آسٽريليا خلاف پنهنجي آخري ڪاميابي وسيم اڪرم جي قيادت 1995 ۾ ڏياري هئي ان کان پوءِ آسٽريليا مسلسل 6 سيريز ۽ 13 ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪندو رهيو!
جواب: 15 سال بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سنڊني جو بهوت ليڊز ۾ دفن ڪري ڇڏيو هائو ادا پاڪستاني عوام جون دعائون ڪامياب ويون ۽ آخر ڪار 15 سالن جي طويل عرصي کان پو پاڪستان آسٽريليا کان ٽيسٽ ميڇ کٽي ورتي http://www.youtube.com/watch?v=Gg2-fTJWXXw
جواب: 15 سال بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سنڊني جو بهوت ليڊز ۾ دفن ڪري ڇڏيو مطلب ته پاڪستان کي جيت نصيب ٿي نه ! گڊ لڪ فار سلمان بٽ بيڊ لڪ فار لالو آفريدي، همراهه دير ئي ڪانه ڪئي استعفى ڏيڻ جي۔ ۽ مهرباني ادا علي اڪبر شر صاحب جي جو پاڪستان کٽي آيو خير سان جا خبر توهان هتي شيئر ڪئي۔
جواب: 15 سال بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سنڊني جو بهوت ليڊز ۾ دفن ڪري ڇڏيو ادا جيڏي مهل پاڪستان کٽي رهيو هو، مطلب ته پاڪستان جي آخري رنس کڻڻکان پوءِ بس مان پنهنجو هڪ موضوع لکي پورو ڪري اڃان پوسٽ ئي ڪري رهيو هئس ته مائي بجلي به اصل بي وفائي ڪري هلي وئي۔۔ سو وري لکڻ تي دل ئي نه چيو۔۔ سٺو ٿيو جو اوهان اهو موضوع پوسٽڪيو۔۔ شڪر آهي مس ڪو پاڪستان کٽيو آهي، حالانڪه کٽڻ جي موڊ ۾نه پئي لڳي۔۔ وڪيٽون ايئن پئي ڪريون جيئن ننڍڙي ٻار جي هٿ ۾ ڇولا ڪرندا هجن
جواب: 15 سال بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سنڊني جو بهوت ليڊز ۾ دفن ڪري ڇڏيو هائو ادا جيڪڏهن 20 کن ٻيو اسڪور هوندو هو ته پاڪستان جو ڪم ٿيو پيو خير پر ڪرڪيٽ ۾ ته ٿيندو ائين آهي
جواب: 15 سال بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سنڊني جو بهوت ليڊز ۾ دفن ڪري ڇڏيو جي ادا تمام زبردست محنت ڪئي آهي قومي ٽيم .....
جواب: 15 سال بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سنڊني جو بهوت ليڊز ۾ دفن ڪري ڇڏيو ادا تمام خوشي ٿي آهي جو پاڪستان کٽيو آهي۔ اميد ته ايئن محنت ڪندا ته ڪاميابيون ماڻيدا