ضروري ڳالهه؛ هيٺ ڏنل ٽوٽڪا انگريزن ۽ يورپي ڏاهن جا آهن، جن جو ممڪن حد تائين سنڌين جي سماج سان ڪو خاص مقابلو ناهي ... سماجي طور اسين ڪيترين ڳالهين ۾ انهن کان سٺا ۽ چڱي حالت ۾ آهيون ... خاص ڪري خانداني ۽ سماجي رشتن جي لحاظ سان ... شادي هر حال ۾ ڪرڻ گهرجي؛ 1. جڏهن ڪو ماڻهون ڪنهنجي زال کڻي وڃي ته پوءِ انکان بدلي وٺڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته زال کي ان سان ئي رهڻ ڏجي ... Sacha Guitry 2. شادي کانپوءِ زال ۽ مڙس سڪي جا ٻه پاسا ٿي ويندا آهن، هڪ ٻئي کي منهن ڏئي نه سگهندا آهن پر پوءِ به گڏ گڏ هوندا آهن .... Hemant Joshi 3. هر حال ۾ شادي ڪريو، پر جي سٺي زال ملي وئي ته زندگي خوش گذرندي ۽ جي بڇڙي ته پوءِ يقينن اوهان مفڪر ٿي ويندا ... Socrates. 4. عورت اسانکي عظيم نظرين طرف راغب ڪندي آهي پر انهن تي عمل ڪرڻ کان روڪيندي آهي ... Dumas 5. هڪ عظيم سوال ... جنهنجو جواب ڏيڻ کان آءُ قاصر آهيان ... اهو آهي ... آخر عورت کي گهرجي ڇا ؟ Sigmund Freud 6. مون زال سان ڪجه لفظن ۾ واعدا ڪيا آهن ۽ زال مونسان ڪجه جملن ۽ ڪهاڻين ۾ واعدا ڪيا آهن ... Anonymous 7. ڪجهه ماڻهون مونکان منهنجي ڪامياب شاديءَ جي باري ۾ پڇندا آهن، راز ڪو خاص ناهي بس اسين ٻه دفعا هوٽل ۾ ويندا آهيون ، هڪ دفعو مدهم موم بتي واري روشنيءَ ۾ رات جو کاڌو کائڻ ۽ ٻيو هلڪي ناچ ۽ گاني واري هوٽل ۾ ويندا آهيون، مون واري گهر واري اڱاري تي ويندي آهي ۽ آءُ جمعي تي ويندو آهيان ... Henny Youngman 8. آءُ دهشتگرديءَ کان ناهيان ڊڄندو جو آءُ ٻه سال پورا شادي شده رهيو آهيان ... Sam Kinison 9. پئسن جي موڪلڻ جو هڪ تمام تيز طريقو جو برقي مشين کان به تيز آهي، جنهنکي شادي چئبو آهي ... James Holt McGavran 10. آءَ ٻنهي زالن جي معاملي ۾ بدبخت آهيان، پهرين مونکي ڇڏي وئي، ۽ ٻي اڃان نه... Patrick Murray 11. ٻه آسان طريقا آهن شاديءَ کي ڪامياب ۽ ڀرپور رکڻ جا ... 1. جڏهن اوهين غلط هجو ته اقرار ڪريو پنهنجي غلطيءَ جو 2. جڏهن اوهان صحيح هجو ته پنهنجو وات بند رکو ... Nash 12. پنهنجي زال جي ڄم جو ڏينهن ياد رکڻ جو بهترين طريقو آهي ته سندس ڄم جي تاريخ هڪ دفعو وساري ڇڏيو ... Anonymous 13. توهانکي خبر آهي ته شاديءَ کان پهريان مون ڇاڪيو؟ مون هر اهو ڪم ڪيو جنهن جي تمنا هئي ... Henny Youngman 14. مون واري زال ۽ مان ويهه سال خوش رهياسون، جو اسين ملياسون ئي ويهن سالن کانپوءِ ... Rodney Dangerfield 15. سٺيون زالون هميشه پنهنجن مڙسن کي تڏهن معاف ڪنديون آهن، جڏهن پاڻ غلط هجن ... Milton Berle 16. شادي هڪ اهڙي جنگ آهي، جنهن ۾ دشمن سان گڏ سمهڻو پوندو آهي ... Anonymous 17. هڪ ماڻهونءَ اخبار ۾”زال جي ضرورت“ جو اشتهار ڏنو، ٻي ڏينهن کيس سوين خط مليا ... جن ۾ هڪ ئي جملو لکيل هيو ” منهنجي زال وٺي وڃ“ ... Anonymous هڪ ماڻهونءَ فخر سان چيو؛ ”مون واري زال روح آهي“ ٻي همره جواب ڏنو؛ ” يار! تون ته ڪو خوشنصيب آهين، مون واري ته اڃان زنده آهي“
ادا نثار، توهان واقعي عظيم آهيو۔ توهان جون لکڻيون به عظيم آهن، ته توهان جي چونڊ به عظيم آهي ۽ توهان عظيم مترجم به آهيو۔ توهان جي هي پوسٽ پڙهي، سچ پڇو کِل ته ڪو نه آئي پر اکيون کليل رهجي ويون۔ توهان جي شيئرنگ جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔ عظيم انسانن جا عظيم گفتار بهترين ترجمي سان سنگت سان شيئر ڪري، توهان عظيم ڪم ڪيو آهي۔ توهان کي جس هجي۔ شال هميشه خوش رهو ۽ خوشيون ورهائيندا رهو۔ مهرباني۔
ادا مهرباني اهڙي سٺي شيئرنگ جي پر ادا مون کي اها ڳاله سمجه ۾ نه آئي يا وري شايد مهنجي سمجه کان ئي ٻاهر آهي:d:d
بس ادا نثار ابڙا: شادي اهو فريضو آهي جيڪو ڪري سو به ويل ۾ ۽ جيڪو نه ڪري سو به ويل، اهو رشتن جو ٻنڌڻ انوکو آهي، بعض اوقات ڪنهن مسخري جي چوڻ مطابق ته زال کي چوڏهان چوڏهان ٻار هوندا آهن ته به چوندي آهي ته ساري عمر مڙس جي طرفان کيس سچو پيار نه مليو آهي، وري مڙس کي ڏسو ته سندس خوبصورت ۽ وفا شعار زال جي هوندي پيو پرايون تاڙيندو آهي، ڪي ڪي وري چار پنج شاديون ڪري ، مُڇون مروٽي پيا هلندا آهن، پر کين اها خبر ڪانه هوندي آهن ته پاڙي جا سُک ۽ ٺٺ ٿي ويا آهن سندن اهي چار پنج زالون در تان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي پيون سلام ڪنديون آهن. ان هُوندي به جيڪو همراهه چار پنج شاديون ڪري آيو هوندو آهي اهو ڪنهن ڇهين مائي جي تلاش ۾ هوندو آهي. بس هن دور ۾ شادي شايد ڪنهن سمجهوتي جو ٻيو نانءُ آهي، جنهن ۾گاڏو گهيل گهيلان ۽ ڍڳو پير پيران وارو فارمولو قابل عمل هوندو آهي، باقي ان سمجهوتي جي عيوض جيڪي ٻار پيدا ٿيا، سي وري ڦٿو ڦڏي باز وانگر پپو بنجي پيا پاڙي وارن جو سُک ڦٽائيندا آهن. بهرحال توهان جي هن شيئرنگ کي لاجواب بلڪه انتهائي لاجواب چئي سگهجي ٿو توهان جس لهڻو.
ادا نثار ناز الله اوهانکي خوش رکي ... ويٺا زماني جا رنگ ڏسو، ڪٿي ته زمين مان پاڻي سڪي ئي ڪون ٿو ۽ ڪٿي ته اڃ ئي اڃ آهي ... ڪٿي ٻيڪ نه آهي ٻڪريءَ جي ۽ ڪٿي ڌڻ ...وڌيڪ پاڻ سمجهدار آهيو سدائين گڏ
سائين، شادي جو مکيه مقصد آهي پنهنجي نسل جي بقا رکڻ، چوندا آهن جنهن شيءِ کي انهي مقصد جي مخالف استعمال ڪيو وڃي ته انهي مان نقصان ۽ فساد شروع ٿي ويندا آهن۔
ادا اسلام ته اسان کي اهو ئي سبق ڏنو آهي ته شادي نسل جي بقا ۽ ان کي وڏائڻ لاء ڪجي ان ڪري پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وآله سلم جن ان جي اهميت بيان ڪندي فرمايو ته شادي ڪرڻ مهنجي سنت آهي ۽ جيڪو مهنجي ان سنت کان منهن موڙيندو اهو مهنجي امت مان نه آهي ليڪن اسان مسلمانن ان مان گهڻا ئي مطلب ورتا مطلب ڪو عيش لاء شادي ڪندو ته ڪو دولت مند زال لا ته ڪو پروفيشنل زال چاهيندو ته ڪو ٽي کڙي سنڊل واري ته ڪو ڪاليج واري ته ڪو ڪو ڪو ۔۔۽ پوء حال اهو ٿيندو جيڪو سائين نثار ٻڌايو