شادي هر حال ۾ ڪرڻ گهرجي؛

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ضروري ڳالهه؛ هيٺ ڏنل ٽوٽڪا انگريزن ۽ يورپي ڏاهن جا آهن، جن جو ممڪن حد تائين سنڌين جي سماج سان ڪو خاص مقابلو ناهي ... سماجي طور اسين ڪيترين ڳالهين ۾ انهن کان سٺا ۽ چڱي حالت ۾ آهيون ... خاص ڪري خانداني ۽ سماجي رشتن جي لحاظ سان ...

    شادي هر حال ۾ ڪرڻ گهرجي؛

    1. جڏهن ڪو ماڻهون ڪنهنجي زال کڻي وڃي ته پوءِ انکان بدلي وٺڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته زال کي ان سان ئي رهڻ ڏجي ...
    Sacha Guitry
    2. شادي کانپوءِ زال ۽ مڙس سڪي جا ٻه پاسا ٿي ويندا آهن، هڪ ٻئي کي منهن ڏئي نه سگهندا آهن پر پوءِ به گڏ گڏ هوندا آهن ....
    Hemant Joshi
    3. هر حال ۾ شادي ڪريو، پر جي سٺي زال ملي وئي ته زندگي خوش گذرندي ۽ جي بڇڙي ته پوءِ يقينن اوهان مفڪر ٿي ويندا ...
    Socrates.
    4. عورت اسانکي عظيم نظرين طرف راغب ڪندي آهي پر انهن تي عمل ڪرڻ کان روڪيندي آهي ...
    Dumas
    5. هڪ عظيم سوال ... جنهنجو جواب ڏيڻ کان آءُ قاصر آهيان ... اهو آهي ... آخر عورت کي گهرجي ڇا ؟
    Sigmund Freud
    6. مون زال سان ڪجه لفظن ۾ واعدا ڪيا آهن ۽ زال مونسان ڪجه جملن ۽ ڪهاڻين ۾ واعدا ڪيا آهن ...
    Anonymous

    7. ڪجهه ماڻهون مونکان منهنجي ڪامياب شاديءَ جي باري ۾ پڇندا آهن، راز ڪو خاص ناهي بس اسين ٻه دفعا هوٽل ۾ ويندا آهيون ، هڪ دفعو مدهم موم بتي واري روشنيءَ ۾ رات جو کاڌو کائڻ ۽ ٻيو هلڪي ناچ ۽ گاني واري هوٽل ۾ ويندا آهيون، مون واري گهر واري اڱاري تي ويندي آهي ۽ آءُ جمعي تي ويندو آهيان ...
    Henny Youngman

    8. آءُ دهشتگرديءَ کان ناهيان ڊڄندو جو آءُ ٻه سال پورا شادي شده رهيو آهيان ...
    Sam Kinison

    9. پئسن جي موڪلڻ جو هڪ تمام تيز طريقو جو برقي مشين کان به تيز آهي، جنهنکي شادي چئبو آهي ...
    James Holt McGavran

    10. آءَ ٻنهي زالن جي معاملي ۾ بدبخت آهيان، پهرين مونکي ڇڏي وئي، ۽ ٻي اڃان نه...
    Patrick Murray

    11. ٻه آسان طريقا آهن شاديءَ کي ڪامياب ۽ ڀرپور رکڻ جا ...
    1. جڏهن اوهين غلط هجو ته اقرار ڪريو پنهنجي غلطيءَ جو
    2. جڏهن اوهان صحيح هجو ته پنهنجو وات بند رکو ...
    Nash
    12. پنهنجي زال جي ڄم جو ڏينهن ياد رکڻ جو بهترين طريقو آهي ته سندس ڄم جي تاريخ هڪ دفعو وساري ڇڏيو ...
    Anonymous

    13. توهانکي خبر آهي ته شاديءَ کان پهريان مون ڇاڪيو؟ مون هر اهو ڪم ڪيو جنهن جي تمنا هئي ...
    Henny Youngman

    14. مون واري زال ۽ مان ويهه سال خوش رهياسون، جو اسين ملياسون ئي ويهن سالن کانپوءِ ...
    Rodney Dangerfield

    15. سٺيون زالون هميشه پنهنجن مڙسن کي تڏهن معاف ڪنديون آهن، جڏهن پاڻ غلط هجن ...
    Milton Berle

    16. شادي هڪ اهڙي جنگ آهي، جنهن ۾ دشمن سان گڏ سمهڻو پوندو آهي ...
    Anonymous

    17. هڪ ماڻهونءَ اخبار ۾”زال جي ضرورت“ جو اشتهار ڏنو، ٻي ڏينهن کيس سوين خط مليا ... جن ۾ هڪ ئي جملو لکيل هيو ” منهنجي زال وٺي وڃ“ ...
    Anonymous

    هڪ ماڻهونءَ فخر سان چيو؛
    ”مون واري زال روح آهي“
    ٻي همره جواب ڏنو؛
    ” يار! تون ته ڪو خوشنصيب آهين، مون واري ته اڃان زنده آهي“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabash

    سائين زبردست معلومات ڏني اٿو asul matt
    lajwab-sharing
    shal judy hujeen

    wslam
     
  3. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ادا نثار،

    توهان واقعي عظيم آهيو۔ توهان جون لکڻيون به عظيم آهن، ته توهان جي چونڊ به عظيم آهي ۽ توهان عظيم مترجم به آهيو۔ توهان جي هي پوسٽ پڙهي، سچ پڇو کِل ته ڪو نه آئي پر اکيون کليل رهجي ويون۔ توهان جي شيئرنگ جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي۔ عظيم انسانن جا عظيم گفتار بهترين ترجمي سان سنگت سان شيئر ڪري، توهان عظيم ڪم ڪيو آهي۔

    توهان کي جس هجي۔ شال هميشه خوش رهو ۽ خوشيون ورهائيندا رهو۔

    مهرباني۔
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا مهرباني اهڙي سٺي شيئرنگ جي پر ادا مون کي

    اها ڳاله سمجه ۾ نه آئي يا وري شايد مهنجي سمجه کان ئي ٻاهر آهي:d:d​
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بس ادا نثار ابڙا: شادي اهو فريضو آهي جيڪو ڪري سو به ويل ۾ ۽ جيڪو نه ڪري سو به ويل، اهو رشتن جو ٻنڌڻ انوکو آهي، بعض اوقات ڪنهن مسخري جي چوڻ مطابق ته زال کي چوڏهان چوڏهان ٻار هوندا آهن ته به چوندي آهي ته ساري عمر مڙس جي طرفان کيس سچو پيار نه مليو آهي، وري مڙس کي ڏسو ته سندس خوبصورت ۽ وفا شعار زال جي هوندي پيو پرايون تاڙيندو آهي، ڪي ڪي وري چار پنج شاديون ڪري ، مُڇون مروٽي پيا هلندا آهن، پر کين اها خبر ڪانه هوندي آهن ته پاڙي جا سُک ۽ ٺٺ ٿي ويا آهن سندن اهي چار پنج زالون در تان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي پيون سلام ڪنديون آهن. ان هُوندي به جيڪو همراهه چار پنج شاديون ڪري آيو هوندو آهي اهو ڪنهن ڇهين مائي جي تلاش ۾ هوندو آهي. بس هن دور ۾ شادي شايد ڪنهن سمجهوتي جو ٻيو نانءُ آهي، جنهن ۾گاڏو گهيل گهيلان ۽ ڍڳو پير پيران وارو فارمولو قابل عمل هوندو آهي، باقي ان سمجهوتي جي عيوض جيڪي ٻار پيدا ٿيا، سي وري ڦٿو ڦڏي باز وانگر پپو بنجي پيا پاڙي وارن جو سُک ڦٽائيندا آهن. بهرحال توهان جي هن شيئرنگ کي لاجواب بلڪه انتهائي لاجواب چئي سگهجي ٿو توهان جس لهڻو.​
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    asul matt asul matt asul matt
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا نثار ناز
    الله اوهانکي خوش رکي ... ويٺا زماني جا رنگ ڏسو، ڪٿي ته زمين مان پاڻي سڪي ئي ڪون ٿو ۽ ڪٿي ته اڃ ئي اڃ آهي ... ڪٿي ٻيڪ نه آهي ٻڪريءَ جي ۽ ڪٿي ڌڻ ...وڌيڪ پاڻ سمجهدار آهيو
    سدائين گڏ
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين، شادي جو مکيه مقصد آهي پنهنجي نسل جي بقا رکڻ، چوندا آهن جنهن شيءِ کي انهي مقصد جي مخالف استعمال ڪيو وڃي ته انهي مان نقصان ۽ فساد شروع ٿي ويندا آهن۔
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا اسلام ته اسان کي اهو ئي سبق ڏنو آهي ته شادي نسل جي بقا ۽ ان کي وڏائڻ لاء ڪجي ان ڪري پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وآله سلم جن ان جي اهميت بيان ڪندي فرمايو ته شادي ڪرڻ مهنجي سنت آهي ۽ جيڪو مهنجي ان سنت کان منهن موڙيندو اهو مهنجي امت مان نه آهي

    ليڪن اسان مسلمانن ان مان گهڻا ئي مطلب ورتا مطلب ڪو عيش لاء شادي ڪندو ته ڪو دولت مند زال لا ته ڪو پروفيشنل زال چاهيندو ته ڪو ٽي کڙي سنڊل واري ته ڪو ڪاليج واري ته ڪو ڪو ڪو ۔۔۽ پوء حال اهو ٿيندو جيڪو سائين نثار ٻڌايو
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا توهان بلڪل سچ چئي رهيا آهيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو